سانگهڙ (رپورٽر) فنڪشنل ليگ ڪارڪنن ۽ جي ڊي اي اميدوار محمد خان جوڻيجو جي ڀاءُ شاهجهان جوڻيجو جي سانگهڙ جي عدالت مان ضمانت منظور ٿي وئي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سانگهڙ پوليس ٿاڻي تي 15 مردن ۽ پنج عورتن سميت 100 کان 150 نامعلوم ماڻهن تي رستا روڪ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ شاهجهان جوڻيجو جي سانگهڙ جي سيشن عدالت عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.