ڪراچي(دلچسپ نيوز) سام سنگ خاموشي سان پنهنجو هڪ نئون مڊرينج اسمارٽ فوج گليڪسي ايف 52 فائيو جي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.گليڪسي ايف سيريز جو هي نئون فون 6.6 انچن جي فل ايڇ ڊي پلس ٽي ايف ٽي اسڪرين سان ليس آهي جنهن ۾ 120 هرٽز ريفريش ريٽ موجود آهي.ڊسپلي تي کاڄي ڪنڊ ۾ پنچ هول ڊيزائن ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا موجود آهي.فون جي اندر اسنيپ ڊراگون 750 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ون يو آءِ 3.1 سان ڪئي وئي آهي.گليڪسي ايف 52 ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان هڪ ٽي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.سام سنگ جي هن فون ۾ ڪيتريون ئي ٿرڊ پارٽي ايپس به ڏنيون ويون آهن پر صارف انهن کي اَن انسٽال ڪري سگهن ٿا.4500 ايم اي ايڇ بيٽري 25 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ آهي جڏهن ته هيڊ فون جيڪ، يو ايس بي سي پورٽ ۽ سائيڊ تي موجود فنگر پرنٽ ريڊر ۽ ٻيا فيچر واضح آهن.فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ آپ آهي جنهن جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا موجود آهي.هن فون کي سڀ کان پهرين چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن جي قيمت 1999 يوآن (47 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.