براز ويلي (دلچسپ نيوز) آفريڪا جي ملڪ ڪانگو ۾ ٻرندڙ جبلن تباهي مچائي ڇڏي آهي گرم لاوو تيز ندي وانگر وهي رهيو هو، مقامي انتظاميا بروقت قدم کڻي ماڻهن کي فوت ٿيڻ کان بچائي ورتو. ماڻهن تباهه ٿيل گهرن سان سيلفيون ٺاهيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪانگو ۾ گذريل ڏينهن ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ بعد هزارين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي جان بچائي ٻاهر نڪري آيا. مقامي ڍنڍ تي گوما هوائي اڏي ڏانهن ويندڙ ٻرندڙ جبلن واري سلسلي تباهي مچائي ڇڏي آهي لاوو نڪرڻ سبب هزارين گهر ان جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، ان حوالي سان صوبي جي گورنر جو چوڻ آهي ته ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ سبب وهندڙ لاووي جي ڪجهه گزن واري فاصلي تي شهر کي بچائي ورتو آهي ۽ متاٿر ٿيل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته لڏپلاڻ دوران مختلف حادثن سبب 5 ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي چڪا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 23 مئي تي شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن لاوو گذرڻ بعد پنهنجي سڙي ويل گهرن ٻاهران بيهي سيلفيون پڻ ڪڍيون.