سامارو (رپورٽ: جئيپال مالهي) سامارو شھر جي ڪالوني مان روڊس کاتي جي رٽائرڊ داروغي جو لاش هٿ آيو، فوتي جي جسم تي تشدد جا نشان موجود، ڊاڪٽر ۽ وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. سامارو ڀرسان راهو آباد اسٽاپ واسي گم ٿيل پيرسن 75 سالن جي نواب علي پٽ ڪرم خان کوسو جو سامارو شھر جي پير ڪالوني ۾ کنڊر بڻيل جڳهه مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو سامارو پوليس پھچي لاش کي پنهجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال سامارو پھچايو، جتي ڊاڪٽرن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد پوليس مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته لاش جي گلي تي نشان ھجڻ سان گڏ جسم جي مختلف حصن تي ھلڪا نشان موجود ھئا، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي وڌيڪ خبر پئجي سگهي ٿي. ھوڏانھن سامارو پوليس جو چوڻ آهي ته ھن وقت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، پوسٽ مارٽم ۽ وڌيڪ جاچ ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪجهه ٻڌائي سگھجي ٿو. جڏھن ته نواب کوسو جي پٽ منصور کوسو چيو ته اسان کي شڪ آهي ته بابا کي ڪنھن قتل ڪيو آهي .