سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد

0
161

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو  ٻڌائي ڇڏيو

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جا ڪيسز خارج ڪيس ڪرڻ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي

سائفر ڪيس ٻڌندڙ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ بابت  خصوصي عدالت به پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي، پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو

گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد ڪندي هدايت ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي