نوشهروفيروز/ مورو (نمائندن وٽان) جمعيت علماءَ السلام سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ نڪتل سنڌ امن مارچ موري ۽ نوشهروفيروز پهچي ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي راشد محمود سومري چيو ته سنڌ جو امن امان تمام خراب ٿيندو پيو وڃي اسان سنڌ ۾ امن امان  بحال ڪرڻ لاءِ  سنڌ امن مارچ ڪڍي نڪتا آھيون، پوري سنڌ ۾ منشيات، اغوا بربريت، چوريون معمول بڻجي چڪيون آھن، هن چيو ته اسان ٻوڏ ۾ ماڻهن سان گڏ بيٺل رهياسين،  اپيل ٿا ڪريون ته اسان جو ساٿ ڏيو،  راشد سومري وڌيڪ چيو ته  سنڌ کپائيندين پادر کائيندين جو نعرو اسان بلند ڪيو، ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ احتجاج ڪيو، سنڌ ۾ بدمعاشي، ظلم، ڏاڍ  ۽ جبر هلڻ نه ڏينداسين،  ڀوتارن، خانن، نوابن، سردارن، پير ۽ ڌرتي جي غدارن کان حساب وٺنداسين. هن چيو ته  خالد محمود سومرو کي تاريخ سنڌ جو وفادار لکيو ۽ راشد محمود سومرو کي به تاريخ سنڌ جو وفادار لکندي. هن وڌيڪ چيو ته  سنڌ ۾ 800 ماڻھو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن.  ٻئي پاسي حڪمرانن سرڪاري ڪڻڪ خريداري ۾ 77 ڪروڙ ھڙپ ڪيا. اڳوڻن حڪمرانن سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو  آھي. ھن چيو ته بيگناھ ماڻھن جا جنازا اسان کڻون، وسيلن جو ڪيس اسان کڻون، ۽ سوالن جا جواب به اسان ڏيون؟ ھن چيو ته دادو جي پوليس واري کان پڇان ٿو ته ھن ايس ايس پي کان سوال ڪيو آھي؟ پوليس واري ھن کان پڇيو آھي ته شھر ۾ منشيات ڇو ٿي وڪرو ٿئي؟ ھن چيو ته ھاڻي پوليس واري کي گرفتار ڪرائڻ جو الزام لڳايو ويو آھي. مون ٿاڻي تي ڪيس داخل ناھي ڪرايو،  پر پنھنجي جلسي ۾ بدنظمي ٿيڻ نه ڏيندس. ھن چيو ته دادو جو پوليس وارو ايم اين اي صاحب جو گن مين ھو، ھاڻي مخالفن کي امن مارچ ڏسي اٽيڪ نه اچي وڃي. هن چيو ته   مون کي ايم اين اي بڻايو پوءِ حساب وٺو،  ڪوبه عوامي عهدو ناھي پوءِ حساب ڇاجو؟ ھن چيو ته بلاول ڀٽو جو مقابلو ڪرڻ جو حساب ٿا وٺو؟ ڪنھن به ٽي وي چئنل تي مناظري لاءِ تيار آھيان.