حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌ ۾ خراب حڪمراني، ڊجيٽل آدمشماري، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻوڏ کانپوءِ تباهي جا منظر پيش ڪندڙ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي بحالي سميت قومي حقن جي حاصلات لاءِ سکر کان شروع ٿيل پيادل سنڌ بحالي مارچ ھٽڙي باءِ پاس تي رات ترسڻ کانپوءِ حيدرآباد شھر ۾ داخل ٿيو.  سٽي گيٽ کان حيدر چوڪ تي مارچ جلسي جي صورت اختيار ڪئي. جلسي کي ايس يو پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ پيرين پنڌ ڪري حيدرآباد پهتا آهيون. زرداري ليگ سنڌ کي معاشي ۽ سماجي طور تباهه ڪيو آهي. سنڌ جو عوام ھاڻ ھنن حڪمرانن کي چڱي طرح سمجھي چڪو آھي. هن چيو ته حڪمرانن سنڌ کي ٻه دفعا وڏي ٻوڏ ۾ ٻوڙيو آھي. سنڌ جا ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو دربدر آھن. غربت ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو ذهني مريض ٿي ويا آهن. ھن چيو ته ملڪ ۾ هميشه جعلي چونڊون ڪرايون وينديون رھيون آھن ۽ ھاڻ به اھو ئي سوچيو پيو وڃي ته جعلي چونڊون ڪرائي عوام جي حقيقي نمائندن کي ايوانن ۾ اچڻ کان روڪيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شي ناهي. پ پ خلاف چونڊون وڙهندڙ اميدوارن خلاف ڪوڙا ڪيس ڪري مٿن دهشتگردي جا قلم لڳايا وڃن ٿا ته جيئن ماڻھن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي وڃي. ھن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن سان سنڌ جو عوام پنهنجي وطن تي حق حڪمراني کان محروم ٿي ويندو. اهو سنڌ جي ماڻھن سان وڏو فراڊ ۽ ڊرامو آھي. سنڌ کي ٽوڙڻ لاءِ نوان صوبا ٺاھڻ جي به سازش ڪئي وئي جنهن لاءِ ڪميٽيون به ٺاھيون پيون وڃن. پاڪستان مسلم فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو ته زين شاهه جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. ھن وقت مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي. سنڌ جي عوام سان گذريل 15 سالن کان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو آهي ان جي ذميوار زرداري ليگ آهي. سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران ٻوڏ متاثرن جا فنڊ کائي ويا آھن. سنڌ اڄ به ٻڏل آهي. ھاڻ حڪمرانن کي آدمشماري جو شوق ٿيو آهي پر سنڌ جا ماڻهو 2 ويلا ماني لاءِ پريشان آهن. ھن چيو ته وطن يا ڪفن، آزادي يا موت اسان ۽ اسان جي وڏن جو نعرو آهي. اسان هر ڏکئي دور جو مقابلو ڪيو آهي. سنڌ جي حقن لاءِ سينو اڳيان ڪري بيٺا آهيون. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته. ھي مارچ اڃا حيدرآباد مس پھتو آھي ته سي سي آءِ ۾ ڊجيٽل آدمشماري تي صحيحيون ڪري ايندڙ مراد علي شاھ اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪرائي رھيو آھي. پيپلزپارٽي وارن اھو اوچتو ئي رنگ ائين ناھي بدلايو ۽ نه ئي سنڌ جي ماڻھن جي ماڻھن جو عشق ڏسي پيپلزپارٽي آدمشماري تي خدشا ظاھر ڪيا آهن. هن چيو ته اھا ڳالھ ياد رکجي ته جڏھن ھي مارچ ڪراچي پھچندو ته پيپلزپارٽي وارا چوندا ته اسان ھن ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪيون ٿا.   ھن اردو ڳالھائيندڙن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جا اردو ڳالھائيندڙ ڀائر اھا ڳالھ سمجھي وٺن ته افغاني رڳو سنڌي ڳالھائيندڙن جي لاءِ نقصانڪار ناھن پر اھي اردو ڳالھائيندڙن کي وڏو نقصان ڏيندا ان ڪري سندن نيڪالي لاءِ اردو ڳالهائيندڙ به آواز اٿارين. جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سيد زين شاهه سنڌ جو قومي اڳواڻ ۽ ڪارڪن آهي جيڪو ائين اڳتي وڌيو آهي. سيد زين شاهه سنڌ جي سياسي سمنڊ ۾ جيڪو پٿر اڇلايو ان جون لهرون سڄي سنڌ ۾ پکڙجي رهيون آهن.  جلسي دوران قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي تڪڙي ٿيندڙ فراڊ ڊجيٽل آدمشماري کي بند ڪيو وڃي. ٻوڏ متاثرن جي بحالي سان گڏ مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي، سنڌ حڪومت کي ڏيڍ ڪروڙ سنڌين کي هٿراڌو طور ٻوڏ ۽ برسات ۾ ٻوڙڻ جي الزام هيٺ برطرف ڪري سنڌ ۾ عدليا جي نگراني ۾ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. سنڌ بحالي مارچ ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته غريب ماڻهن مٿان ڪيرايل مهانگائي جي ايٽم بم کي واپس وٺندي کاڌي پيتي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ فوري طور لاٿ ڪئي وڃي. سنڌ بحالي مارچ نون صوبن جي ڪميٽي کي رد ڪندي ان ڪميٽي کي سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏنو،