ملاڪاتيار ( ن پ ا ) بلڙي شاھ ڪريم جي ملاڪاتيار يونين ڪائونسل جي ڳوٺ پانڌي ماڇي ۾ آدمشماري جي ڊيوٽي تي پنهنجا فرائض انجام ڏيندڙ پرائمري استاد مقصود ميمڻ تي مبينه طور حملي آورن حملو ڪري کيس سخت تشدد ڪندي مرڻنيگ ڪري وڌو، جنهن جي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ باوجود ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽي ، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان غلام نبي ڪيريو سميت ڪنهن به عملدار ڪو به نوٽيس نه ورتو نه وري حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪو قدم کنيو ويو آهي جنهن بابت اهي به اطلاع ملي رهيا آهن ته حملي آورن سان زخمي پرائمري استاد جو بااثر ماڻهن پاڻ ۾ ٺاھ ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري معاملو ڌٻجي ويو آهي ، زخمي پرائمري استاد حافظ مقصود ميمڻ رابطي ڪرڻ چيو ته سوزڪي مان پير سلپ ٿي پيو جنهن سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳي پيو هو، ڪنهن به حملو ناهي ڪيو.