پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي حڪومت جي ترجمان بيريسٽر سيف چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي نه ٽوڙي وئي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ جو ڪوبه فائدو نه هوندو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بيريسٽر سيف چيو ته جيڪڏهن رڳو ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙي وئي  ته ان جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو، شاهه محمود قريشي معاملي کي ڏسي رهيو آهي، هن چيو ته ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ آندي وئي ته اها مڪمل طور ناڪام ٿي ويندي.