اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  وفاقي ڪابينا روس کان ساڍا 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ، پارليامينٽ جي ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 8 ارب رپين جي فراهمي، پيٽرول دريافت ڪندڙ 11 ڪمپنين جي رد ٿيل لائسنس کي بحال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي تفصيل موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پيٽروليم وزارت جي سفارش تي پيٽرول جي ڳولا ڪندڙ 11 ڪمپنين جي رد ٿيل لائسنس کي بحال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، 11 بلاڪن ۾ ايڪسپلوريشن بابت سرگرميون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، وفاقي ڪابينا واپار وزارت جي سفارش تي پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن معاهدي تي تاجڪستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صحيح ٿيڻ جو امڪان آهي، وفاقي ڪابينا اي سي سي جي 29 نومبر ۽ 2 ڊسمبر تي ٿيل اجلاسن جي فيصلن جي به منظوري ڏني، اي سي سي روس کان ساڍا 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو، سڌ سماءَ وزارت کي حڪومتي منصوبن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميڊيا مهم لاءِ 2 ارب رپيا ڏيڻ، ايندڙ عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 15 ارب ۽ چونڊيل ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 8 ارب رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي، جن جي وفاقي ڪابينا به منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪاميٽي (سي سي ايل سي) جي پهرين ڊسمبر تي ٿيل اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏني.