رياض(م ڊ) چين سعودي عرب کي پنهنجو اسٽريٽجڪ ڀائيوار بڻائي ڇڏيو. معاهدي تي صحيحون ٿي ويون. چين جي صدر شي جن پنگ جي سعودي عرب جي دوري جي ٻئي ڏينهن تي اهم ملاقاتون ڪيون. هن سعودي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقاتون ڪيون. بعد ۾ ٻنهي ملڪن ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو معاهدو ٿيو جنهن تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ سعودي عرب جي شاهه سلمان صحيحون ڪيون. جڏهن ته سعودي ۽ چين وچ ۾ هائڊروجن توانائي، ۽ سڌي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي معاهدن تي صحيحيون به ڪيون ويون. روڊ اينڊ بيلٽ، ذاتي معاملن، واپاري شعبن ۾ عدالتي سهڪار، چيني ٻولي سکڻ جا معاهدا به ڪيا ويا. جامعه شاهه سعودي پاران چيني صدر کي اعزازي طور ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به ڏني وئي.