خانپور (ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخش علي جتوئي ۾ قتل ٿيل 4 ڄڻن رحم علي عطراڻي جتوئي، سائينداد ڪمالاڻي جتوئي، ميھار ڪمالاڻي جتوئي، سونارو ڪمالاڻي جتوئي جا لاش گھرن ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو،اباڻن قبرستانن ۾ الڳ الڳ ھٿيارن جي ڇانوَ ۾ تدفين ڪئي وئي،ڌرين پاران پنھنجي ڳوٺن ۾ ھٿيارن سان چوڪيداري شروع ڪئي وئي آھي،  علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙيل آھي،پوليس موجب وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪبا، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون.