رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ۾جلباڻي برادري جي ٻن ٽرانسپورٽر گروپن وچ ۾ مسافر ڪوچن جي ٽائيم واري مسئلي تان ٿيل فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ٻنهي مقتولن جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي مقتول خيرپور ميرس جا رهواسي آھن، جڏھن ته سراج جلباڻي جي تدفين رتيديري جي مبارڪ شاھ قبرستان ۾ ڪئي وئي، جڏھن ته ظھير خان جو لاش وارث خيرپور ميرس کڻائي ويا.هوڏانهن ڪنهن به امڪاني صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ واقعي واري هنڌ وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويو آھي.ان حوالي سان ايس ايڇ او رتوديرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار ڌر پنهنجا گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن، جوابدارن گرفتاري نه ڏني ته سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.