رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پاران شهر ۾ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي عبدالستار سومرو، انعام الله، نعيم سومرو ، گل محمد بروهي ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، پوليس ڪجھه ناهي ڪيو، غيرمحفوظ بڻيل آهيون، هوڏانهن مظاهرين بس اسٽينڊ تي ڌرڻو هڻي ويٺل هئا ته ايس ايچ او پوليس اهلڪارن سميت پهچي ڪارڪنن مٿان لٺبازي شروع ڪرائي، مظاهرين ۽ پوليس اهلڪار هڪٻئي سان هٿين پئجي ويا، جڏهن ته پوليس پريس ڪلب جي ڪئمرا مئن فاروق حاجاڻو کان ڪوريج ڪرڻ دوران موبائل فون کسي ان مان واقعي جا ڦوٽيجز پڻ ضايع ڪري ڇڏيا، تشدد سبب ڪارڪن عبدالستار سومرو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.