ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام: هٿيارن جي کيپ هٿ، 3 سوگها، سي ٽي ڊي ترجمان موجب سي ٽي ڊي انويسٽيگيشن شاهراهه شير شاهه سوري تي نجي شاپنگ مال وٽان  وصال حسين آفريدي، ياسر مهمند ۽ عطا محمد آفريدي کي گرفتار ڪري هڪ ايل ايم جي، 6 نائين ايم ايم پستول، 8 ٽيهه بور جا پستول، هڪ پين پستول، 16 ميگزين، 200 ٽيهه بور جون گوليون ۽ 750 نائين ايم ايم جون گوليون هٿ ڪيون، ترجمان موجب  جوابدارن  دهشتگردي لاءِ مسافر بس جي ڳجهن خانن ۾ هٿيارن جي کيپ لڪائي پشاور کان ڪراچي منتقل ڪرڻ پي چاهي، سي ٽي ڊي اها بس تحويل ۾ ورتي، جوابدار ياسر جو ڀاءُ مختيار ۽ وصال حسين به سکر ۾ هٿيار سپلاءِ ڪرڻ تان گرفتار ٿي چڪا آهن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،