رتوديرو (ن پ ا) رتيديري لڳ بولو لاڙي وٽ پوليس ۽ ڦورن ۾ مبينا مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، پوليس موجب معمول جي گشت دوران وارثڏنو ماڇي لنڪ روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل ڦورن ۽ اهلڪارن ۾ فائرنگ ٿي، جنهن ۾ هڪ ڦورو علي عباس چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب 2 ڄڻا فرار ٿي ويا، زخمي ڦورو کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.