لاهور (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته راولپنڊي ۾ ڊگهي مدي واري ٽيڪنوڪريٽ حڪومت آڻڻ جون ڳالهيون آهن پر عمران خان رڳو شفاف ۽ جلد چونڊون چاهي ٿو. زمان پارڪ لاهور ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ عوام جو سمنڊ عمران خان جو استقبال ڪندو، 26 نومبر ملڪي تاريخ جو انقلابي ڏينهن هوندو. هن چيو ته عمران خان کي سڪيورٽي خدشا آهن، ان ڪري سندس راولپنڊي ۾ خطاب سج لٿي کان اڳ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. شيخ رشيد چيو ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت آڻڻ جا افواهه آهن پر عمران خان اها تجويز ڪڏهن به قبول نه ڪندو، هو جلد شفاف چونڊون چاهي ٿو. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته نااهل حڪمرانن جا ڏينهن ڳڻجي ويا آهن، هاڻي کين وڃڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو صدر کي ڌمڪيون ڏيڻ کان اڳ سوچي وٺي، کيس لال حويلي مان گذرڻو پوندو.