اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 29 نومبر تي رٽائر ٿيندو، نئين آرمي چيف جي مقرري بابت اڄ کان شروع ٿيل هفتي کي انتهائي اهميت ڏني پئي وڃي، نئين آرمي چيف جي مقرري ويجهو ايندي ئي اڳوڻو صدر آصف زرداري ڪجهه ڏينهن کان اسلام آباد ۾ ترسيل آهي، جڏهن ته وزيراعظم ۽ ن ليگ سربراهه پاران ناڻي وزير اسحاق ڊار حڪومتي اتحادين سان مشاورت ۽ رابطن ۾ مصروف آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ سمري ۽ ان ۾ شامل نالا شروع ٿيل هفتي دوران سامهون اچي ويندا، وزيراعظم کي آئيني طور تي اختيار آهي ته هو ڪنهن کي به آرمي چيف مقرر ڪري سگهي ٿو، شروع ٿيل هفتي دوران ڪنهن به ڏينهن نئين آرمي چيف جي نالي جي منطوري ملڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.