رائونتي: مبينا طور ناري تي مڙس ۽ سُهري جو تشدد، ڏنڀ ڏيڻ جو به انڪشاف

0
173

رائونتي (رپورٽر) رائونتي ويجھو چوڪ ماڻي ۾ ناري مٿان مڙس ۽ سُهري پاران تشدد بعد لوهي سيخن سان ڏنڀ ڏنا ويا آهن،

متاثر ناري حسينه کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ناري جي پيءُ جو چوڻ آهي ته مڙس ربنواز رند ۽ سهري محمد نواز گڏجي ڌيءَ  حسينه مٿان تشدد ڪيو  ۽ ڏاٽرا گرم ڪري ڏنڀ ڏنا،

پوليس جو چوڻ هو ته ناري جي پيءُ ڪجهه عرصو اڳ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي ته مهنجي ڌيءَ کي مونسان ملڻ نٿا ڏين، ڇوڪري اسان وٺي آيا آهيون، وڌيڪ ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين، ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيوآهي.