ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته ليام ڊائوسن جڏهن حسنين کان اوور ۾ 24 رنز ورتيون ته ان کانپوءِ به ذهن ۾ اهو هو ته آخري رن تائين هار ناهي مڃڻي ۽ پنهنجو سئو سيڪڙو ڏيڻو آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ حارث رئوف جڏهن اننگ جو 19 هون اوور ڪرڻ آيو ته انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 12 بالن تي 9 رنز گهربل هيون، پهريون بال حارث ڊاٽ ڪرايو پر ٻئي بال تي هن کي چوڪو لڳو باقي 10 بالن تي 5 رنز گهربل هيون پر پوءِ گيم چينج ٿي ويو ۽ پاڪستان 3 رنز تان ميچ کٽي ويو. گيم چينجر حارث رئوف چيو ته جهڙي طرح ليام ڊائوسن بيٽنگ ڪري رهيو هو ته ان خلاف پلان ٺاهي آيا هئاسين ته هن جي ڪمزوري کي ٽارگيٽ ڪندي بالنگ ڪرڻي آهي جنهن ۾ فائدو ٿيو ۽ پوءِ ٽيل اينڊرز خلاف پنهنجي بهترين بالنگ ڪرائي ۽ ڪاميابي ملي.