دڙو (ن پ ا) دڙي ويجھو ڪوٽ عالمون واري علائقي وٽ با اثر پاران ميبنا طور پنھنجون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ دريا مان پاڻي چوري ڪرڻ جو منصوبو جوڙي دريا جي ايم ايس بچاءُ بند کي 200 فوٽ جو ڪٽ ڏياري اتي موري تعمير ڪرائي ڇڏي آھي پر آبپاشي کاتي اڃا تائين نوٽيس نه ورتو آھي، ان حوالي سان آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ ايس ڊي او ھاشم شاھ ٻڌايو ته درياهه جي بند جي ميل 17 کان 24 تائين حساس علائقو آھي، سال 2010ع ۾ به ڪوٽ عالمون وٽان ئي گھارو لڳو ھو، ھن وقت ان ڀرسان ھٿرادو ڪٽ ھڻايو ويو آھي، جيڪو خطرناڪ ٿي سگھي ٿو، سرڪار کي نوٽيس وٺڻ گھرجي، ٻي طرف ڳوٺاڻن نور احمد مگسي، دادن مگسي، ثناءُ مگسي، غفار مگسي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته بااثر زميندار پنھنجي 1500 ايڪڙ زرعي زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ دريا کي ڪٽ ھڻائي موري تعمير ڪرائي آھي، ھنن چيو ته بند جي ڪمزور ھنڌ وٽ ڪٽ لڳڻ سان آبڪلاڻي جي مند ۾ ٻوڏ ڄو خطرو ٿي سگھي ٿو، هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بند کي ٻيھر مضبوط ڪري امڪاني ٻوڏ جي خطرن کان بچايو وڃي. ٻي طرف ايس ڊي او ايريگيشن دڙو منير احمد مشوري ٻڌايو ته بند تي ڪم هلندڙ آھي، جيڪو قانوني آهي. منهنجي بدلي ٿي وئي آھي وڌيڪ نئي ايندڙ آفيسر کان پڇو وڃي.