ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جيئي سنڌ تحريڪ جي 13 ڪارڪنن خلاف داخل ملڪي سالميت خلاف نعريبازي ۽ بغاوت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ضمير حاجاڻو، آفتاب شاهه، جنيد شاهه ۽ ٻين کي بري ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدارن 2019ع ۾گلشن حديد کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي هئي، سندن خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل هو.