“ديک قائم رهي اس گواهي په هم”

0
407

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد پريم نگر (هريانه، هندستان) منجهان هڪ سيد گهراڻو لڏو کڻي، خانيوال (سرائيڪي وسيب) ۾ اچي لاهي ٿو ۽ ڪجهه سالن اندر (1950ع ۾ ) سندن گهر ۾ هڪ ٻار جو جنم ٿئي ٿو. توڻي جو ننڍڙي عمر ۾ اُن کي پوليو ٿي وڃي ٿو. پر اُن ٻار ڪُل ڄمار اِن جسماني ڪمزوريءَ کي پنهنجي ڪم سان وچڙڻ نه ڏنو ۽ سائيڪلن تي چڙهي پنهنجي سيڪنڊري تعليم وهاڙي (شهر) منجهان حاصل ڪري ٿو ۽ اُتي کيس هڪ اُستاد (جيڪو کاٻي ڌُر جي خيالن جو هو)ملي ٿو جيڪو سندس ذهن جي ڪچي زمين کيڙي اُن ۾ ترقي پسند خيالن جا ٻج ڇٽي ٿو. هڪ لڱا اُهو نوجوان وهاڙي شهر ۾ پنهنجي سائيڪل جو پنڪچر ٺهرائڻ لاءِ ڪنهن مڪينڪ جي دُڪان تائين رسي ٿو ۽ اُتي ويٺل ڪنهن پڪي عمر واري ماڻهو جي سياسي ڪچهري جڏهن ٻُڌي ٿو، تڏهن اُن جي ڳالهين جي آب ۽ تاب ۾ اُهو نوجوان پنهنجي اندر نون خيالن جي سلن کي زمين چيري اُڀرندي محسوس ڪري ٿو. بعد ۾ ڏس پَتو پُڇندي اُهو نوجوان تنهن ساڳئي ماڻهو جي ڳوٺ تائين رسي ٿو ۽ ايئن حسن عسڪري نالي اُهو نوجوان دنيا کي سمجهڻ ۽ بدلائڻ جي سياسي سبقن کي پڪو ڪري ٿو.
” تنهن ويل ڪيوم وچن ويڙيچن سان“
بعد ۾ پنجاب جي وڏي هاري اڳواڻ محمد علي ڀارا جهڙي استاد جي صحبت ۾ کيس پاڻ جھڙن ڪامريڊن جو سُنگ ملي وڃي ٿو. حسن عسڪري پنهون پُڇڻ واري پنهنجي اها خاصيت آخر تائين سهنجي نموني سانڍي. سادي سائيڪل جي جڳهه پوءِ ڪاواساڪي موٽر سائيڪل ورتي ۽ ان جي جاءِ پوئين دور ۾ 88 ماڊل ڳاڙهي مهراڻ ڀري. حسن عسڪري جنهن به ماڻهو منجهه سياسي مڻيا ڏسندو هو ته اُن سان جُڙڻ جي ڪوشش ۾ سانگهڙ کان سوات تائين وڃي نڪرندو هو. سموري ملڪ ۾ هر هنڌ ماڻهو کيس پاڻ وٽ اوچتو ڏسي حيران به ٿيندا هئا ته خوش به. سياسي ڪارڪن جيڪي ڀلوڙ وات، ڀلا ڪن ۽ ڀلير پيَر هوندا هيا سي ته سندس فڪري ۽ روحاني جوڙ هيا. ڳولي ساڻن ڪجهه وقت گڏ گذاريندو، کانئن حال احوال وٺندو، موٽ ۾ بنا رک رکاءُ جي کين سِڌيون سمجهاڻيون ۽ پارٽي جو مواد ۽ ميگزين ڏئي وري ڇڪيندو هو پنڌ کي.
کَرڪڻا لاهَي، سُک نَه سُتا ڪڏَهين،
اوسيئَڙَو آهي، کَاهوڙيُن کي پَنڌَ جو.
سرائيڪي وسيب ۾ ئي نوجوان حسن عسڪري جي سياسي سرگرمين نئين ماحول ۾ لڏي ايندڙ سيد خاندان کي ايترو ته ڇرڪايو جو انهن کيس سنڌ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، جتي سنجهوري (سانگهڙ) ۾ کين ڪليم عيوض زمين مليل هئي. پر ڌڻين کي ڪهڙي خبر ته سياسي طور زرخيز سنڌ ۾ نوجوان کي موڪلي درحقيقت هو هاٿي کي هندستان ڏيکاري رهيا هئا. هاري ڪاميٽي ۽ مزدورن جون انيڪ ٽريڊ يونينون جوڙڻ سان گڏو گڏ، ڪامريڊ حسن عسڪري جو سياسي سفر ويسٽ پاڪستان اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن، سوشلسٽ پارٽي، ورڪرز پارٽي، نيشنل ورڪرز پارٽي ۽ آخر ۾ عوامي ورڪرز پارٽي تائين جاري رهي ٿو. ايتريقدر جو مڪمل طور بيهوش ٿيڻ کان ٿورو پهريان به آئي سي يو منجهان هو هڪ انقلابي وانگي ڏور بيٺل ساٿين کي ڏسي آڱوٺو مٿي (ٿمز اپ) ڪري پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو. ايئن 71 ورهين جو ڪامريڊ حسن عسڪري، اڌ صدي کان مٿي جي پنهنجي عمر کاٻي ڌُر جي سياست کي استقامت سان ڏئي، معاشي سوڙهه، جيل ۽ روپوشيءَ جون سختيون سهندي، فيض جي انهن سٽن جيان “ديک قائم رهي اس گواهي په هم” سُرخرو رهي ٿو.منهنجو ساڻس سياسي سفر آخري نو سالن جو هو. جڏهن 2012ع جي پڇاڙي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو ته سنڌ ۾ تنظيمي ذميواري ڪامريڊ عثمان بلوچ (صدر) ۽ مون (سيڪريٽري) مٿان پئي. پر ڪامريڊ حسن عسڪري اها ذميواري پاڻ مٿان به ساڳي ڪمٽمينٽ سان محسوس ڪندي جهر جهنگ رُليو ۽ نئين پارٽي کي متعارف ۽ متحرڪ ڪيو. ڪامريڊ جو مزاج ئي اهڙو هو ۽ هو پاڻ بنا عهدي جي رسمي عهديدارن کان به وڌيڪ ڪم ڪندو هو. انقلابي سياست منجهه عام طور اڳواڻ ڪارڪن ۽ ڪارڪن اڳواڻ ٿيندا آهن پر اهڙا اڳواڻ يا ڪارڪن گهٽ هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪم سبب يونٽ کان وٺي وفاقي ڍانچن تائين پارٽي جي هر دائري ۾ هر وقت ايترو اثر رکندا هجن جيترو ڪامريڊ حسن عسڪري رکندو هو. هڪ ٽريڊ يونينسٽ، وفاقي ۽ مقامي هاري اڳواڻ، اين ايس ايف (هاڻ پي آرايس ايف) جو بيج هڻي شاگردن جي وچ ۾ ويهڻ کي پسند ڪندڙ، سنڌ ۾ ناري جمهوري محاذ کي هڪ فرنٽ جي حيثيت ۾ بيهارڻ منجهه به بنيادي ڪردار ادا ڪندي، هو بنيادي طور پارٽي جو سينئر هو جيڪو پارٽي جي هر شعبي اندر پنهنجي ذميواريون نڀائڻ جي اهل هو. پارٽي جي تعمير ۽ سفر ۾ مون هُن کي هرڪا شيءَ پنهنجي آدرشن جي اڏيءَ تي قُربان ڪندي ڏٺو. سياست ئي سندس اوڍڻ ۽ پهرڻ هو. هو پاڻ شيعه سيد هو پر پيري مريدي ۽ فرقيوارڻي مذهبي سياست کي سماج لاءِ هاڃيڪار سمجهندو هو. ڪلاسيڪي ڪميونسٽ سياست جو اهڃاڻ. قومي اڻبرابري خلاف جهيڙيندڙ پر لبرل قومپرستي ۽ انارڪزم جو سخت مخالف، هر ڪنهن جو دوست ٿيڻ وارو پر سياسي ۽ نظرياتي مامرن تي سخت نقطه نظر رکڻ وارو، حيدربخش جتوئي جيان جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو تشدد پنهنجي جسم تي سهڻ وارو، موقعي شناس پر موقعي پرستي تي لعنت وجهڻ وارو. بي ڊپو ۽ بهادر. هو نظرياتي مخالفن جي ميڙ ۾ اڪيلو ويهي به پنهنجا خيال مظفر وارثي جيان رکندو هو ته
شعله هون بڙهڪني ڪي گذارش نهين ڪرتا
سچ منه سي نڪل جاتا هي ڪوشش نهين ڪرتا
ماٿي ڪي پسيني سي جو نه آئي خوشبو
وه خون ميري جسم ۾ گردش نهين ڪرتا
حسن عسڪري جيترو به ڪنهن ٻئي تي سخت ٿي سگهندو هو موٽ ۾ پاڻ تي اُن کان سخت تنقيد برداشت ڪري ويندو هو. ڌڻي پنهنجي جوهر ۾ هڪ متحرڪ سياسي نقاد هو. متحرڪ هئڻ هڪ ته کيس پورهيت طبقي سان ڳنڍي رکيو ۽ ٻيو ته ان سبب ئي هن پنهنجي سچ سان ايماندار رهڻ سِکي ورتو هو . انهن ٻن گهرجن جي پوراءُ کيس پارٽي ۾ ايترو ته اهم ۽ پاڻڀرو ڪري ڇڏيو هو جو هو پنهنجي اُستاد ۽ پارٽي جي اڳوڻي وفاقي صدر عابد حسن منٽو جا به ڇوڏا سندس سامهون لاهي ڇڏيندو هو. سندس شاگرد ۽ پُراڻي ساٿي اسحاق مڱريي مطابق ته ڪامريڊ سان اڪثر ڪچهريون جهيڙي تي ئي ٽُو بي ڪنٽينيوڊ ٿينديون هيون. ساڻس منهنجو پنهنجو رشتو به احترام سان گڏ سخت تنقيد ۽ اضطرابي ڇڪتاڻ وارو رهيو. هڪ شفيق پيءَ ۽ سينئر ڪامريڊ وانگي، عسڪري پاڻ کي پوئتي رکي هميشه اسان کي اڳيان ڪندو رهيو پر ساڳئي وقت تنظيمي ۽ فڪري مامرن تي ڪامريڊ جي سخت پوزيشن سان ٽڪراءُ اڻٽر ٿي ويندو هو. مون ۾ به شايد حسن عسڪريءَ جي مزاج جو ڪو عنصر هيو جو ساڻس آءُ به اڪثر جذباتي ٿي ويندو هيس. خبر ناهي اهو سندس پيار هو يا سندس شخصيت جي وڏائي پر موٽ ۾ ڪامريڊ ڪڏهن به مون سان جذباتي نه ٿيو. اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي خيالن جا قيدي هياسين ۽ ڄڻ ته هڪٻئي جي قيد جا قدردان هياسين. ڪامريڊ حسن جون مون تي سخت تنقيديون هونديون هيون، جيڪي هو اڪثر طور هلندي ۽ کلندي رکي ويندو هو. “او ڀائي ! سُڌُر” مون بابت سندس تڪيه ڪلام هو پر تنهن باوجود هو مون بابت مونکان وڌيڪ ڪامريڊ لطيف سان ڳالهائڻ ۾ آساني محسوس ڪندو هو ۽ مونکي انت لهڻ نه ڏيندو هو. عام طور کاٻي ڌُر جا ماڻهو سامراج ۽ رياست تي سخت تنقيدي ٿيندا آهن پر تر جي جاگيردارن ۽ مذهبي مهندارن کان وونءَ ويندا آهن. حسن عسڪري ڪنهن به اهڙي موقعي پرستيءَ کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندو هو. هو مستقل مزاجيءَ سان سانگهڙ جهڙي سخت ماحول ۾ پنهنجو لال جهنڊو کوڙي ڦڙڪائيندو رهيو. سندس ان انقلابي هٺ پنهنجي خليفن واتان شڪايتن جو ٻڌي ئي اڳوڻو پير پاڳارو ڏانهس گهر لڙي آيو ۽ شيلف ۾ لينن جا ڪتاب ڏسي ساڻس انهن تي بحث ڪيو ۽ کيس ڪامريڊ چئي موڪلائي هليو ويو هو. سانگهڙ ڪامريڊ حسن عسڪري جو ساهه ھو. مرڻ وقت به ھو سانگهڙ ايڪشن ڪاميٽي جو صدر هو.
کاٻي ڌُر جي سياست ۾ ڪارڪنن توڙي اڳواڻن جي گهڻائي مختلف سببن ڪري انقلاب کي پارٽ ٽائيم ڪم ڪري وٺندي آهي. پر حسن بنا ڪنهن پارٽي فنڊ جي سدائين ڪُل وقتي ڪامريڊ هو. ڪامريڊ حسن پيٽ گذر لاءِ ننڍي زمينداري ۽ مال متاع به پاليندو هو پر “جو دم غافل سو دم ڪافر” جيان هو جڏهن ۽ جتي هو، پنهنجي انقلابي مقصد سان ئي جُڙيل هوندو هو. سانگهڙ جي سندس هڪ شاگرد ٻُڌايو پئي ته مون عسڪري وٽ ڏيڍ پوڻا ٻه سو ايڪڙ زمين ڏٺي هُئي، جيڪا خاندان ۾ ورهائبي ۽ سياست جي نذر ٿيندي ٿيندي آخر ۾ صرف اٺ ايڪڙ بچي. جنهن منجهان به چار آباد ته چار غير آباد هيا. معاشي تنگي جي مامري ۾ به ڪامريڊ حسن انتهائي خودار ماڻهو هو. پنهنجي لک پتي شاگردن کان به پنهنجي سِر لاءِ ڪک نه گهرڻ وارو ، ذاتي تڪليفون صرف ذات تائين رکڻ وارو ۽ وات تي انقلاب جي وائي کان سواءِ ٻي هر ڳالهه کي اجائي سمجهڻ وارو.
ماڻهو گهرن مال، آءُ سڀ ڏينهن گهران سپرين
دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال
ڪيس نام نهال، پسڻ تان پري ٿيو. شاهه
سو هو اشتراڪيت، انصاف ۽ آزادي جي صرف نالي ۾ نهال ٿي سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ته جيئن انسانيت جو ايندڙ نسل اُن نانءَ جي حقيقت کي پنهنجي حال ۾ پسي سگهي. اها اسانجي خوشنصيبي هُئي جو ڀاشاني، امام علي نازش، سي آر اسلم، انيس هاشمي، حبيب جالب، عزيز سلام بُخاري سان گڏ عبدالواحد آريسر ۽ رسول بخش پليجي سان گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهو جي سياسي صحبت اسان کي نصيب ٿي. ساٿي امر لغاري جي لفظن ۾ ته “تنهنجي سياست سان عشق کي سلام، تنهنجي ڪُل وقتي جدوجهد کي سلام، تنهنجي عام ماڻهوءَ سان محبت کي سلام”
موجيم که آوسودگي ما عدم ماست
ما زنده به انيم که آرام نه گيرم.
اسان ڇولين جيان آهيون ۽ اسان جو سڪون، اسانجو عدم (نه هجڻ) آهي. اسان ان ڪري ئي زنده آهيون جو آرام نه ٿا ڪريون. (فارسي شاعر ڪليم ڪاشاني )