سنڌ جي سياسي بحران جا اثر

0
322

سنڌ تاريخ جي ڪهڙي دور مان گذري پئي؟ اهو سوال اسان جيڪڏهن سنڌ جي سڃاڻ ڌرين کان ڪنداسين جن ۾ ليکڪ ، سماجي سرگرم ورڪر ۽ سياسي عوام دوست سوچ رکندڙ شامل ٿي وڃن ٿا انهن جو جواب يقينن هڪڙي ئي نقطي کي فوڪس ڪندو ته سنڌ پنهنجي تاريخ جي انتهائي بدترين سياسي بحران مان گذري پئي، پر جيڪڏهن اسان اهوئي سوال سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ گروھه جن ۾ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي مخالف ڌر شامل آهي کان ڪنداسين ته انهن جو جواب هيءُ هوندو ته سنڌ جي بري حڪمرانيءَ جو سڄو سارو دارومدار يا جوابداري سنڌ حڪومت جي آهي. سنڌ حڪومت زرداري هائوس جي چنبي ۾ ڀڪوڙيل هجڻ ڪري ڪو به عوام دوستي ۽ عوام جي خدمت جو ڪردار ادا نٿي ڪري صرف ۽ صرف پنهنجي گروھه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن جي ڪرپشن کي وڌائڻ لاءِ نت نوان پراجيڪٽ تشڪيل پئي ڏي، اندروني طور تي وفاق جي اڳيان ڪنڌ جهڪايو حڪمن جي بجاآوري ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي عوام جي حقن يا صوبي جي حقن جي لاءِ واويلا پئي ڪري. مثال هي دليل به ڏيندا ته ٻيٽن جي پهريان وفاق کي اين او سي ڏني وئي ۽ بعد ۾ ان اين او سي ليٽر کي وٿ ڊرا ڪري وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي احتجاج ڪيو. جيڪڏهن سنڌ جو عوام سنڌ جون باشعور ڌريون احتجاج نه ڪن ها ته معاملو آيو ويو ٿي وڃي ها. ساڳي طرح بحريا ٽائون ۾ رئيس وڏي جو ڪردار سنڌ حڪومت جي حوالي سان اهڙي ريموٽ ڪنٽرول جيان آهي جو هڪ پاسي بحريا ٽائون کي سنڌ جي زمين اهڙي قيمت تي وڪرو ڪئي وئي جو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جابراڻي دور ۾ ڪرپٽ راجا مهاراجا مغل شهنشاھ به ليزنگ جي نيلامي اهڙي طريقي سان نه ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ جڏهن مارڪيٽ ريٽ سان 460 ارب جي رقم بحريا ٽائون کان اوڳاڙي وئي ته ان رقم تي وارثي جو حق ۽ دعويٰ سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ چيئرمين اهڙي انداز سان ڪرڻ شروع ڪئي ڄڻ انهن بيگناهن سان ظلم ٿيو هجي.
( يقينن اها رقم سنڌ جي آهي ) پر ڪڏهن به سنڌ حڪومت اخلاقي طور هيءُ اعتراف نه ڪيو ته هنن کان ڪو وڏو گناھه ٿيو جو هنن سستي زمين بحريا ٽائون کي ڏني ۽ نه وري سپريم ڪورٽ سڳوريءَ ان نيلامي ۽ زيادتي تي وڌيڪ انڪوائري ڪري عوامي ڦرمار کي وائکو ڪري ڪنهن کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو، معاملو اهڙيءَ طرح سان آيو ويو ٿي ويو جيئن راڄوڻن فيصلن ۾ ڏنڊ جي رقم وٺڻ کان پوءِ “ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ” جو جملو ٻڌندا آهيون، ساڳيو ڪردار هن معاملي ۾ به نظر آيو. هاڻي جي بحران ۾بحريا ٽائون جو معاملو ڪٿي ٿو بيهي اهو بعد ۾ ڏسنداسين پر سنڌ حڪومت تي تنقيد کان سواءِ مخالف سياسي ڌر سنڌ ۾ باقي ڪجھه ڳالهائڻ جي لاءِ تيار نظر نه ايندي. ساڳي طرح سنڌ حڪومت کان جڏهن سنڌ جي بحران متعلق سوال ڪبو ته هو وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي انتظامي معاملن ۾ ڪوتاهين ۽ ڪمزورين تي هڪ لفظ به نه ڳالهائيندا ۽ اهو ساڳيو ئي انداز وفاقي حڪومت جو به نظر ايندو جو هو سنڌ جي سموري بحران جو ذميوار سنڌ حڪومت کي سڏيندي تنقيد جي انهي بليم گيم جو سرڪل سياسي پارٽين جي اندر گھمندي نظر ايندو، انهيءَ جي باوجود هڪ هيءُ نقطو صاف ۽ چٽو نظر ايندو ته سنڌ ۾ بدترين بحران موجود آهي انهيءَ جي حقيقت کان ڪو به انڪار نه ڪندو، بلڪل ايئن ئي جيئن ڪنهن بيمار کي ٽيمپريچر هجي ان جي ان ٽيمپريچر کان ڪو به انڪار نه ڪندو پر ڪارڻ الڳ الڳ ٻڌايا ويندا، امڪان الڳ الڳ ٻڌايا ويندا، ساڳيو ئي حشر سنڌ سان آهي. اسان جڏهن سنڌ جي عوام کان بحران جي متعلق سوال ڪنداسين ته انهيءَ جو جواب وفاق کان وٺي سنڌ حڪومت تائين شڪايت ۽ الزام جو هڪ ڪرو ئي نظر ايندو ڇو ته اصل ڀوڳنا عوام ڀوڳي پيو تنهن ڪري جتي باھه ٻري هنڌ اهو سڙي جيان حقيقي پيڙا جو اظهار عوام ئي ڪري ٿو. هاڻي سوال هيءُ به اسان جي آڏو آهي ته هن ملڪ جي اندر جيڪا مشڪل ۽ مصيبت سنڌ جي عوام سان آهي ايتري مصيبت پاڪستان جي ٻين قومن سان به آهي يا نه ؟ يقينن جواب باآساني ته اهو ئي آهي جو طبقاتي تضاد ۽ مسئلا سماج جي اندر ڪجھه گھٽ وڌائي سان ساڳئي ئي انداز ۾ موجود آهن پر جيڪو سياسي بحران سنڌ ۾ آهي اهڙو سياسي بحران اسان کي ٻيو ڪٿي به نظر نه ايندو. انهيءَ جو هڪ بنيادي سبب هيءُ به آهي ته پاڪستان گھڻ قومي رياست هجڻ ڪري قومن جا تضاد طبقاتي هجڻ سان گڏوگڏ وفاقي ادارن جي طاقت جو توازن ڪنهن هڪ قوم جي حق ۾ هجڻ ڪري ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سياسي ڪشمڪش جيڪا وفاقي اقتدار جي حاصلات لاءِ ٿئي پئي انهيءَ ۾ سنڌ سڀنيءَ کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي. پاڪستان جي اندر سنڌي قوم نه رڳو وفاقي ٽڪرائن ۽ تضادن جو شڪار آهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي اندر اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو تضاد، پٺاڻن جي آبادڪاري، غير ملڪي بنگالين ۽ بهارين جو تضاد اهي سڀئي شيون گڏجي ڪري سنڌ جي پوري ٽوپوگرافيءَ کي نه رڳو شديد متاثر ڪيو آهي پر سنڌ جي اندر سنڌي ماڻهن جي قومي تشخص جو بحران به شدت سان اڀرندو رهيو آهي، نه رڳو اڀرندو رهيو آهي پر حقيقتن جي بنيادن تي پڻ اهو بحران موجود آهي. عوامي اقتدار جا دشمن گروھه قومن جي حقن جي توازن کي بگاڙڻ جي لاءِ هميشه اهڙا تضاد اڀاريندا رهيا آهن جن سان قومن ۾ هر وقت نفاق ۽ اختلاف اڀرندو رهي. ڪڏهن به اها ڪوشش ناهي ڪئي وئي ته قومن جي وحدانيت جي حقن کي ۽ تاريخي حقن کي تسليم ڪندي سياسي ڪردار ادا ڪن، پر ابتو قومن جي اندر فاشسٽ ۽ مظلوميت جي ڪارڊن کي شيطاني گيم جيان کيڏيو ويو آهي ۽ کيڏيو وڃي ٿو. پاڪستان جي اندر رولنگ ڪلاس جي ڪا به جماعت قومن جي خود اختياريءَ جي باري ۾ واضح ناهي ۽ نه ئي سياسي فڪري بنياد تي واضح ٿي سگهي آهي. ڦري گھري سڀنيءَ جو ورجاءُ 73 جي آئين تي ٿيندي نظر ايندو يعني سڀاڻي جيڪڏهن آئين هيٺ مٿي ٿي وڃي يعني معطل ٿي وڃي جيئن ماضيءَ ۾ آمريتن سبب ٿيندو رهيو آهي ته جابر قوتن کي اهو يقين رهندو آهي ته قومن جي خود اختياري تي سياسي پارٽيون ڪو به نقطه نظر نه ٿيون رکن ۽ نه وري هن وقت تائين سياسي پارٽين ۾ ان نقطي تي بحث مباحثو ٿيندي نظر آيو آهي. ان سڄي منظر کي اڳيان رکڻ کان پوءِ سنڌ جو سياسي بحران به آسانيءَ سان سمجھه ۾ اچي ٿو ته سنڌ جي سياسي بحران جو هڪ بنياد قومي بقا جو، تهذيب جو آهي ٻيو رياستي ادارن جو وقتن به وقتن فاشي رويو، سنڌي قوم ۾ وڌيڪ احساسي محرومي پيدا ڪري ٿو. داخلي آباديءَ جي ٽوپوگرافي به سنڌي جي پريشانيءَ جو سبب آهي اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو باشعور فرد ، شاگرد ۽ پنهنجو قومي فڪر رکندڙ ماڻهو پنهنجي قوم تشخص جي حوالي سان انهيءَ ڪري پريشان ۽ سواليه نشان بڻيل آهي ته هنن جو مستقبل قومي نقطه نگاھه کان ڪهڙو ۽ ڪٿي بيٺل آهي.لڳي ٿو ته سياسي پارٽيون ڪا به واضح قومن جي باري ۾ نظريو نٿيون رکن ۽ نه ان جي هو ضرورت محسوس ڪن ٿيون، ٻئي طرف بحران جو شديد ترين حملو حڪمراني گروھه جو عوام دشمن ڪردار آهي جو سنڌ ۾ سياسي مخالفت نه هجڻ ڪري حڪمران پارٽي يعني پ پ پ تمام وڏي جاگيردار ۽ رولنگ ڪلاس جي سياسي ڪمائو ٽولي کي پاڻ سان جوڙي پوري سنڌ جي اندر نو اسپيس سياست جو ماحول پيدا ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سياست مڪمل طور تي ڪرپشن ۽ ڦرمار جو هٿيار بڻجي وڃي تڏهن سماج جي اندر بد کان بدتر بحران پيدا ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. هاڻي سنڌ جي اندر ڪو به هڪڙو شعبو اهڙو نظر نٿو اچي جيڪو حڪومت جي اداري جي حيثيت ۾ عوامي خدمت جو ڪم ڪندي نظر اچي، ابتو نظر هي ايندو ته تمام جو تمام ادارا عوام جي خلاف مافيائي ٽولا نظر ايندا، ايئن لڳندو ته سنڌ مڪمل طور تي انهن ٽولن جي حملن جو شڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾ قومي سلامتي جو سوال هميشه پريشاني ۽ ٻڏتر جي ڪيفيت ۾ مبتلا نظر ايندو آهي. اڪثريتي فرد پنهنجي بقا جي جدوجهد ڪندي اجتماعي جدوجهد جي ڌارا کان ڪٽجي ويندا آهن پر اسان کي هي ڏسي تمام گھڻو فخر ٿئي ٿو ۽ اميد پيدا ٿي ٿئي ته سنڌ هيڏن سارن حملن ۽ سازشن جي باوجود پنهنجي قومي بقا ۾ تمام گھڻي منظم ۽ متحد آواز جي صورت ۾ نظر ٿي اچي. جڏهن به سنڌ جي وحدانيت جو سوال شدت اختيار ڪري ويو آهي تڏهن سنڌ جو باشعور فرد پوءِ اهو ڪهڙي به سياسي نظريي ۽ روحاني مسلڪ سان تعلق رکندڙ هجي اهو سڀ پنهنجا اختلاف وساري گڏ ٿيڻ جي آواز ۾ آواز ملائي ٿو، سواءِ ان سياسي ڪرپٽ مافيائن جي جن جو ڪم لٽ مار ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه به ناهي. اڄ سنڌ جو بنيادي سوال اهوئي آهي ته سنڌ جي بحران جو بنياد اصولي ۽ بنيادي سياسي آهي ۽ ان سياسي بحران جو خاتمو عوامي سياست ئي ڪري سگھي ٿي، جيستائين عوامي سياست جي هڪ مضبوط پارٽي اڳيان اچي تيستائين عوام دوست سڃاڻ فرد پنهنجا گروھه مضبوط ڪري قومي جدوجهد ۾ مضبوط گروپن جو ڪردار ادا ڪن ۽ انهن جو اهو ئي ڪردار سنڌ کي سياسي بحران کان ٻاهر ڪڍي سگھي ٿو ۽ جڏهن سنڌ سياسي بحران کان ٻاهر نڪتي ته هڪ منظم ۽ بهترين سماج کي جنم ڏيندي انهيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته سڃاڻ فرد پنهنجو انفرادي ڪردار نڀائڻ جي لاءِ اجتماعي قدم وڌائين.