دوست جو حادثي ۾ موت، شهري ٻني کپائي فري هيلمٽ ورهائڻ لڳو

0
276

ممبئي(دلچسپ نيوز) دوست جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ بعد شهري پنهنجي ذاتي ٻني وڪرو ڪري انهن پئسن مان هيلمٽ خريد ڪري مفت ورهائڻ لڳو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بهار جي علائقي مڌو بني واسي راگهويندر ڪمار پنهنجي ٻني کپائي ته جيئن هو ان رقم مان هو ماڻهن ۾ هيلمٽ ورهائي سگهي.

رپوٽن موجب راگهويندر جو چوڻ هو ته 2014ع ۾ هيلمٽ نه پائڻ سبب منهنجو دوست فوت ٿي ويو. هن چيو ته دوست جي موت کانپوءِ مان فيصلو ڪيو ته ڪنهن کي هيلمٽ نه هئڻ سبب حادثي ۾ پنهنجي جان وڃائڻ نه ڏيندس.

 

ھي به پڙھندا

اسٽيج تي ڪنوار جو ميٽرڪس اسٽائل ڏسي مهمان حيران