اسٽيج تي ڪنوار جو ميٽرڪس اسٽائل ڏسي مهمان حيران

0
269
اسٽيج تي ڪنوار جو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) هالي ووڊ فلم ميٽرڪس ته سڀني ڏٺي هوندي جنهن ۾ هيرو کي سلو موشن ۾ پوئتي جهڪندي ڏسي گولين کان بچڻ وارو مقبول ترين سين آهي. ضرور اوهان وڌيڪ حيران ٿي ويندا جڏهن ايئن ڪندڙ هڪ ڪنوار هجي. اهڙي ئي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڀارت ۾ هندو مذهب ۾ شادي جي موقعي تي ڪنوار ۽ گهوٽ هڪ ٻئي کي گلن جا هار پارائيندا آهن

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهوٽ ڪنوار کي هار پارائڻ لاءِ اڳتي وڌندو آهي ته ڪنوار مئٽرڪس فلم جي هيرو وانگر پويان پوئتي جهڪندي آهي، گهوٽ وڌيڪ اڳيان وڌندو آهي پر ڪنوار پوئتي وڌيڪ جهڪندي آهي، ايتري تائين جو هن جو پوئتي جهڪڻ حيران ڪندڙ طور تي تقريبن 90 ڊگري تائين پهچي ويندو آهي ۽ گهوٽ هار ناهي پارائي سگهندو. ان دوران گهوٽ ڪنوار کي مٿي کڻندو آهي ۽ پوءِ ٻئي کلڻ لڳندا آهن.