دوداپور (ن پ ا) دوداپور جو رهواسي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان اغوا، وارثن کان 15 لک ڀنگ طلب. خبر موجب تاجوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ هشمت آباد جو رهواسي 28 سالن جو قالو خان ميرالي عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي طرف ويو، جتان اغوا ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ ڌاڙيلن وارثن کي فون ڪري 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، مغوي جي وارثن ياسين ميرالي ۽ ٻين ٻڌايو ته سندن نوجوان ڪجهه ڏينهن اڳ گهران گهمڻ لاءِ چئي ويو ھو ته واپس نه آيو، ڪالهه ڌاڙيلن فون ڪري 15 لک رپيا ڀنگ گهريو آهي، هنن چيو ته ڌاڙيلن ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ٻئي طرف تاجو ديرو پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان اسان جي حد مان اغوا ناهي ٿيو هو، عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان اغوا ٿي ويو آھي.