اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي فرمائش تي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائڻ لاءِ مني بجيٽ جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو ، جيڪو منظوري لاءِ سڀاڻي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو ان بعد قومي اسيمبلي ۾ آندو ويندو، مني بل تحت مختلف شعبن کي جي ايس ٽي ۾ مليل ڇوٽ ختم ڪري 350 ارب رپين جون اضافي ٽيڪس وصوليون ڪرڻ جي تجويز، موبائل فون، اسٽيشنري، ايل پي جي، ڪمپيوٽر، سولر پليٽن سوڌو مختلف شين جون قيمتون وڌي وينديون، بل ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ 200 رپين جي ڪٽوتي ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي، “پنهنجي اخبار” کي ناڻي وزارت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ مني بجيٽ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، مني بل تحت 350 ارب رپين جي مختلف شعبن کي مليل ٽيڪس ڇوت ختم ڪري انهن شعبن کان 350 ارب رپيا هلندڙ مالي سال جي 7 مهينن دوران وصول ڪرڻ جي تجويز شامل ڪري ورتي آهي، سيلز ٽيڪس ۾ مليل ڇوٽ ختم ڪري موبائيل فونن، جيولري، قيمتي ڌاتن، امپورٽ ٿيندڙ گاڏين، پلانٽس، مشينري، ايل پي جي، اسڪريپ، اسٽيشنري، پيڪ ٿيل کاڌي پيتي جي شين، ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر، نوٽ بوڪ، سافٽ ويئر، ايل اي ڊي، سولر پليٽس تي جي ايس ٽي جي شرح 17 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، جنهن سان انهن سمورين شين جون قيمتون وڌي وينديون، ذريعن ٻڌايو آهي ته تيار ٿيندڙ مني بل ۾ دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال، فش، پوليٽري، ڪيٽل فيڊ ۽ امپورٽ ٿيندڙ فروٽ تي به 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ٿيندي، جنهن ڪري انهن جون قيمتون به وڌي وينديون، تيار ڪيل فنانس بل ۾ دوائن، تعليم ۽ صحت جي شعبن، سي پيڪ تحت ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين، گوادر ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون کي جي ايس ٽي شرح ۾ رعايت برقرار رکي ويندي، جڏهن ته باقي سمورن شعبن ۾ جي ايس ٽي جي برابر شرح 17 سيڪڙو تي آندي ويندي، ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته تيار ڪيل مني بل ۾ ايندڙ 7 مهينن دوران پيٽروليم مصنوعات تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي مد ۾ 356 ارب رپيا وصول ڪرڻ، پيٽروليم ليوي وڌائڻ يا گهٽ ڪرڻ جا اختيار وزيراعظم کي ڏيڻ، هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو حدف 5829 ارب رپين کان وڌائي 6100 ارب رپيا ٽيڪس وصولين جو حدف مقرر ڪرڻ، منظور ڪيل ترقياتي بجيٽ ۾ 200 رپين جي ڪٽوتي ڪرڻ جي تجويز کي به شامل ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق ناڻي وزارت پاران آءِ ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل مني بل جو ڊرافٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن رٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندو، ڪابينا اجلاس ۾ فناس بل جي منظوري سان گڏ فنانس بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي تاريخ جي به منظوري ڏني ويندي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت کي آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ڊالر قرض وٺڻ لاءِ 12 جنوري 2022ع کان اڳ شرطن تي عمل ڪرڻو پوندو.