دنيا ۾ موسمي ڦير گهير ۽ ايٽمي جنگ جا حوال

0
195

1.موسمي ڦير گهير:
دنيا اڄ ڪلهه سخت گرمي ۾ گرفتار آهي جنهنڪري دنيا جو گرمي پد هينئر 1.1 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي ويو آهي، ياد رهي ته اهو گرمي پد گذريل صنعتي انقلاب کانپوءِ ٿيو آهي. جيڪڏهن اهو گرمي پد 4 سينٽي گريڊ ٿي ويو ته انسانن جو دنيا ۾ رهڻ ڏکيو ٿي ويندو. تنهنڪري ڪري پيرس معاهدي ۾ اهو چيو ويو ته دنيا ۾ گرمي پد 1.5 سينٽي گريڊ کان نه وڌڻ کپي ۽ هن صدي جي پڇاڻي تائين اهو وڌ ۾ وڌ 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿيڻ کپي، مان سال 2015ع ۾ پيرس ۾ ٿيل معاهدي جا تفصيل هيٺ ڏيان ٿو.
1: دنيا جو گرمي پد 2 سينٽي گريڊ صنعتي انقلاب واري سطح کان نه وڌڻ کپي.
2 : ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين واڌ گهٽ عرصي ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان نه وڌڻ کپي.
3 : ملڪن طرفان ڏنل پروگرام کي مڃيو ويو پر انهي کي 5 سالن کان پوءِ ورجايو ويندو ۽ پهريون ورجائڻ سال 2023ع ۾ ٿيندو.
4 : امير ملڪ غريب ملڪن جي مدد ڪندا رهندا، جيئن اهي ملڪ گيس اخراج گهٽائڻ ۽ موسمي ڦير گهير تي پاڻ کي هيرائي سگهن.
5 :انهن ملڪن تي ڪوئي ڏنڊ نه وڌو ويندو، جيڪي پنهنجي ڏنل پروگرام تي عمل نه ڪري سگهن.
6 : متاثر ٿيل ملڪن کي نقصان جو معاوضو نه ڏنو ويندو
7 : ملڪ ڪاربان جو وڪرو نه ڪري سگهندا.
هي معاهدو ڪو مثالي معاهدو ناهي پر جتي متضاد گهرجون Conflicting needs هجن اتي مثالي معاهدو ٿي نه ٿو سگهي. انهي ۾ سڀني ملڪن جو خيال رکڻو پوي ٿو. يعني ڪجهه ڏيڻ ۽ وٺڻ (Give and take) ڪرڻو پوي ٿو. پوءِ به هي هڪ تاريخي معاهدو آهي. تنهن کان پوءِ دنيا جا ملڪ ڪنهن ڳالهه ڪرڻ تي راضي ته ٿيا. وقت ثابت ڪندو ته اهي ڪيترو ڪامياب ٿيا. دنيا وارن کي پنهنجي جيئڻ ۽ بقا لاءِ گرين هائوس گيسن جو اخراج گهٽائڻو پوندو.
ملڪ گرين هائوس گيسن گهٽائڻ تي ڇو ٿا اعتراض ڪن:
گرين هائوس گيسون تيل، بجلي ۽ گيس جي استعمال ڪري ٿين ٿيون. دنيا ۾ وڌ ۾وڌ گرين هائوس گئسون ڪير ٿو پيدا ڪري ؟
ڇا اينگرو ڪول مائننگ وارن ڪي اهڙا ڪم نه ڪيا آهن جن سان ٿر ۾ ترقي ٿي آهي؟
اچو ته انهن ٻنهي سوالن تي غور ڪيون:
1: دنيا جي موسمي ڦير کي روڪڻ لاءِ ڇا ڪوئلي کان سواءِ ڪم نه ٿيندو؟ دنيا موسمي ڦير گهير جي اثرن ۾ ورتل آهي. ڪٿي ٻوڏو اچن ٿيون. ڪٿي سوڪهڙا ٿين ٿيا. ڪٿي سمنڊ جي ليول چڙهڻ ڪري ڀر وارا علائقا ٻڏڻ جي خطري ۾ آهن. ڪٿي طوفان اچن ٿا. هن سال آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾سخت گرمي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا. ڇو اُتي ڪڏهن به ايتري گرمي نه پئي هئي. اتي سدائين برف پوندي آهي. ۽ ٿڌ هوندي آهي. ٻئي پاسي جرمني ۾ سخت مينهن پيا ۽ شهرن ۾ پاڻي بيٺو رهيو، بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ تيل گيس ۽ ڪوئلو استعمال ٿئي ٿو. ٻئي پاسي يو اين ڊي پي ۽ آمريڪي موسميات کاتي وارو ادارو انهي استعمال جي مخالفت ڪري ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به صورت ۾ انهي ٽنهي شين جو استعمال نه ٿيڻ کپي، جو انهن ڪري گرين هائوس گيسون پيدا ٿين ٿيون جنهن ڪري دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌي ٿو. اهو گرمي پد صنعتي انقلاب کان پوءِ 2 ڊگريون وڌي ويو آهي ۽ وڌيڪ اسان برداشت نه ٿا ڪري سگهون. انهي واڌ جا ٻه اثر ٿين ٿا. هڪڙو اهو ته انهي کي ڪيئن گهٽائجي جنهن کي انگريزي ۾ mitigation چئجي ٿو. ٻيو اهو ته ان تي پاڻ ڪيئن هيرائجي جنهن کي انگريزي ۾ adaptation چئجي ٿو . انهي سلسلي ۾ فرانس جي شهر پيرس ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن جون خاص ڳالهيون هي آهن.
1. دينا جو گرمي پد 2 ڊگري سينٽي گريڊ ، صعنتي انقلاب واري سطح کان نه وڌڻ کپي،
2 : ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين واڌ گهٽ عرصي ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿئي.
3.ملڪن طرفان ڏنل پروگرام کي مڃيو ويو پر انهن کي هر سالن کانپوءِ ورجايو ويندو ۽ پهريون ورجائڻ سال 2023ع ۾ ٿيندو.
4 : امير ملڪ غريب ملڪن جي مدد ڪندا رهندا ته جيئن اهي ملڪ گيسن جو اخراج گهٽائن ۽ موسمي ڦير گهير تي پاڻ کي هيرائي سگهن.
پر مکيه مسئلو آهي گرين هائوس گيسن جو استعمال گهٽائڻ يعني توانائي ڪوئلي ، تيل ۽ گيس بدران ٻين شين ذريعي پيدا ڪرڻ . اهي ذريعا آهن. هوا پاڻي سج سامونڊي لهرون ۽ زير زمين ايٽمي ريڪٽر پر انهن ذريعن جي استعمال سان خرچ وڌيڪ اچي ٿو.
ڪارخانن ۽ صنعتن وارا مالڪ شاهوڪار آهن ۽ سياسي طرح مضبوط به. ايئن ڪرڻ سان انهن کي فائدو گهٽ ٿيندو ۽ نقصان وڌيڪ ٿيندو اهي ايئن ڪرڻ جي مخالفت ڪن ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته موسمي ڦير قدرتي آهي انهن جو گرين هائوس گيس سان ڪو به تعلق ناهي. صنعتي ترقي جي شروعات آمريڪا، يورپ ۽ روس ۾ ٿي اهي ملڪ وڌيڪ گرين هائوس گيسون پيدا ڪن ٿا. انهن ۾ پهريون نمبر چين ٻيو نمبر آمريڪا، ٽيون نمبر يورپي يونين، چوٿون نمبر روس، پنجون نمبر هندستان، ڇهون نمبر جاپان،اٺون نمبر برازيل ۽ ، جرمني، نائون نمبر ڪينيڊا، ڏهون نمبر انگلينڊ آهي. اهي ملڪ 73 سيڪڙو گرين هائوس گيس پيدا ڪن ٿا، پر موسمي ڦير گهير جو اثر سڀني ملڪن تي ٿئي ٿو. انهن تي به جيڪي تمام گهٽ گيسون پيدا ڪن ٿا. مثال طور پاڪستان هڪ سيڪڙو کان به گهٽ گرين هائوس گيسون پيدا ڪري ٿو. پر جرمن واچ موجب آفتن جي لحاظ کان پاڪستان ۾ وڌ ۾ وڌ آفتن واري ڳڻپ ۾ نمبر 8 آهي. پيرس معاهدي مطابق اسان وڌ ۾ وڌ 2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين سهي سگهون ٿا، انهي کان مٿي انسان ۽ جهنگلي جيوت سهي نٿي سگهي، جيڪڏهن دنيا جو گرمي پد 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌي ويو پوءِ اسان لاءِ تباهي ٿيندي. اچو ته دعا ڪريون ته اسان وٽ تباهي نه ٿئي. 2.ايٽمي جنگ : دنيا ايٽمي جنگ جي منهن ۾ آهي اها جنگ اسرائيل ۽ ايران ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ هندستان ۽ پاڪستان ۾ به. دنيا ۾ 8 ايٽمي پاور آهن جن ۾هندستان، پاڪستان،اسرائيل، فرانس، آمريڪا، برطانيا ۽ چين شامل آهن. وري پنج ملڪ سيڪيورٽي ڪائونسل جا ميمبر آهن. مٿيان ست ئي ملڪ ايٽمي ڦهلاءَ معاهدو Nuclear test ban treaty تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. وري ٻه ملڪ آهن ويٽنام ۽ ايران. چون ٿا ته ويٽنام وٽ ايٽم بم آهن جو هو ڪيترائي ميزائيل هوا ۾ ڇوڙي چڪو آهي.
ايران وٽ اڃان ايٽمي هٿيار ڪونهن، آمريڪا انهن کي ايٽم بم ٺاهڻ کان روڪي ٿو. آمريڪا جي چرچ تي اسرائيل ايران جا ڪيترا سائنسدان مارائي چڪو آهي ۽ وڌيڪ مارائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي. هيروشاما ۽ ناگاساڪي تي 1945ع ۾ 6 ۽ 9 آگسٽ تي آمريڪا ايٽم بم ڪيرائي چڪو آهي. جنهن جي ڪري هزارين ماڻهو مري ويا ۽ ايٽمي ريڊيئيشن ڪري پوءِ به ڪيترن جي حالت خراب ٿي وئي ۽ انهن جا اثر ايندڙ نسلن تائين رهيا انهي ڪري جاپان به ايٽمي هٿيارن تي پابندي وجهڻ لاءِ چوي ٿو پر ايٽمي ملڪ اها ڳالهه نه ٿا مڃين، جيڪڏهن هندستان ۽ پاڪستان ۾ ايٽمي جنگ لڳي ته ٻنهي ملڪن ۾ تباهي ايندي هزارين لکين ماڻهو مرندا ۽ ايندڙ نسلن کي به ايٽمي ريڊيئيشن ڪري نقصان ٿيندو، ٻئي پاسي اسرائيل آمريڪا جي چرچ تي ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ به ايران ۾ تباهي ايندي ايٽمي ريڊيئيشن جو اثر ايندڙ نسلن تي به ٿيندو. اسان جي دعا آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به ايٽمي جنگ نه لڳي ۽ دنيا ۾ امن و امان جي صورتحال برقرار رهي. آمين