نيويارڪ(م ڊ) دنيا جي ٽين امير ترين شخصيت ۽ مائيڪرو سوفٽ جي باني بل گيٽس ۽ زال ملنڊا فرينچ گيٽس شادي جي 27 سالن کانپوءِ هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. بل گيٽس ۽ ملنڊا پيغام جاري ڪيو ته هاڻ جوڙي جي صورت ۾ وڌيڪ گڏ نٿو هلي سگهجي، ان ڪري اسان سوچي سمجهي شادي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جوڙي پنهنجي پيغام ۾ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو آهي. بل گيٽس ۽ ملنڊا ۾ پهرين ملاقات 1980 جي ڏهاڪي ۾ ان وقت ٿي جڏهن ملنڊا مائيڪرو سافٽ فرم ۾ شامل ٿي هئي. ارب پتي جوڙي جا ٽي ٻار به آهن جڏهن ته بل گيٽس ۽ ملنڊا گڏجي بل اينڊ ملنڊا گيٽس نالي فائونڊيشن به هلائي رهيا آهن. اها دنيا جي سڀ کان امير شخص جي ٻي شادي آهي جيڪا ٽٽي وئي آهي، ان کان اڳ اميزون جو باني جيف بيزوس ۽ سندس زال ميڪينزي اسڪاٽ به عليحده ٿي چڪا آهن، هنن جي شادي 25 سال هلي هئي. جوڙي پنهنجي عليحدگي جي صورت ۾ دولت بابت تفصيل ظاهر ناهن ڪيا، عام طور تي آمريڪا ۾ طلاق جي صورت ۾ مڙس جي دولت مان زال کي حصو ملندو آهي. ميڊيا تبصرن ۾ چيو ويو آهي ته عليحدگي بعد جيڪڏهن ملنڊا پنهنجي ڌار فائونڊيشن ٺاهي ته اها آمريڪا جي سڀ کان وڏي فائونڊيشن هوندي.