خانپورمھر (ن پ ا ) گھوٽڪي جي سياست ۾ وري اٿل پٿل، مھر گروپ ۽ جي يو آءِ ۾ ويجھڙائي. خانڳڙھ جي راجا ھائوس تي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مھر پاران ڏنل افطار پارٽي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو، ناصر محمود سومرو، ضلعي گھوٽڪي جو امير مولانا اسحاق لغاري شرڪت ڪئي. افطار پارٽي ۾ جي ڊي اي جو اي ايم پي اي سردار علي گوھر مھر به شريڪ هو. جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو، علي گوھرمھر وچ ۾ سياسي مامرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ملاقات ۾ پ پ ايم پي اي راجا خان مھر پڻ موجود هو. ذريعن موجب ملاقات ۾ سنڌ ۽ گھوٽڪي ضلعي جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، 2019 جي ننڍي چونڊ ۾ جي يو آءِ جو گھوٽڪي ۾ پيپلزپارٽي سان ڪيل اتحاد مان جي يو آءِ گھوٽڪي جي مايوس قيادت ايندڙ وقت ۾ جي ڊي اي ايم پي اي علي گوھر مھر سان مضبوط اتحاد جوڙڻ لاءِ ڳالھين جي شروعات ڪري ڇڏي آھي. خانڳڙھ ۾ ٿيل سياسي ملاقات بابت رابطو ڪرڻ تي جميعت علماءِ اسلام ضلع گھوٽڪي جي امير مولانا اسحاق لغاري ٻڌايو ته سردار علي گوھرمھر سان مولاناراشد محمود سومرو ۽ ناصر محمود سومرو جي ملاقات ٿي آھي، جنھن ۾پ پ ايم پي اي راجا خان مھر به موجود ھو. ھن ٻڌايو ته ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مولانا اسحاق لغاري چيو ته پيپلزپارٽي سان 2019 ۾ اتحاد ڪيو پر جيڪي اسان سان واعدا ڪيا جيڪو معاھدو ڪيو ويو ان معاھدي تي زيرو پرسنٽ به عمل نه ٿيو، پيپلزپارٽي اسان سان بيوفائي ڪئي جنھن ڪري پ پ سان اتحاد ڪيو. مولانا اسحاق لغاري چيو ته ايندڙ وقت ۾ بلدياتي اليڪشن ۽ جنرل اليڪشن ۾ سردار علي گوھر مھر سان اتحاد ٿيندو ۽ اھڙي سياسي اتحاد بابت ڳالھين جي شروعات ٿي چڪي آھي. ھوڏانھن افطار پارٽي ۾ اڳوڻو ضلع چيئرمين حاجي خان مھر، ميونسپل ڪاميٽي گھوٽڪي جو اڳوڻو چيئرمين سيد اصغر شاھ سميت وڏي انگ جي يو آءِ ۽ مھر گروپ جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.