دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان ديهه ويسر جي ڳوٺ دوست محمد لغاري ۾ نوجوان محمد سھيل لغاري مال جي واڙي ۾ خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي نوجوان جو لاش ايمبولينس نه ھجڻ سبب ڊاٽسن تي دريا خان مري اسپتال پھچايو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان جو لاش ايمبولينس نه ھجڻ سبب ڊاٽسن تي ڳوٺ دوست محمد لغاري آندو ويو نوجوان جو لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. نوجوان جي والد حاجي سعود احمد لغاري تفصيل ڏيندي چيو ته نوجوان جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو نوجوان مال جي واڙي ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ايس ايچ او دريا خان مري موجب نوجوان ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي آھي پوليس پاران وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.