دادو (رپورٽر) نوجوان شاھ جهان چهواڻ کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول نوجوان ماء مسمات صحت خاتون ، مسمات سسئي ۽ قائم الدين چهواڻ جي اڳواڻي ۾ وارثن پاران پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي ، مقتول نوجوان جي وارثن دانهيو آهي ته شاهجهان کي وڏيري عبدالغفار ڏهراج جو ڪمدار اختيار سولنگي گهران وٺي ويو ۽ ٽن ڏينهن کانپوء کيس بيدردي سان قتل ڪري منهن تي تيزاب هاري سندس لاش ميهڙ ڀرسان ٻيٽو جتوئي لنڪ روڊ تي ڦٽو ڪيو ويو، هنن دانهيو ته سندن نوجوان شاھ جهان وڏيري عبدالغفار ڏهراج جي پئٽرول پمپ تي مئينيجر هو جيڪا نوڪري ڇڏي آيو هو پر وڏيري سان ملڻ لاء ويندو هو خبر نه آهي ته وڏيري کيس اهڙي بيرحمي سان قتل ڇو ڪرايو؟ وارثن دانهيو ته واقعي جي ايف آء آر داخل هئڻ باوجود نوشهروفيروز پوليس جوابدار گرفتار ناهن ڪيا نه ئي سندن گرفتاري لاء ڇاپا هنيا آهن ، هنن چتاء ڏنو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ، ٻي صورت ۾ هو احتجاج جو سلسلو جاري رکندا.