مانجھند (ن پ ا) مانجهند ۾ 3 مهينا اڳ حادثي ۾ زخمي ٿيل پي پٽ کي ايمبولنس نه ملڻ سبب فوت ٿيڻ تي سخت احتجاج سبب معطل ٿيل تعلقي اسپتال مانجھند جي ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ جي ٻيهر مقرري ٿيڻ خلاف سوڍآڻي برادري ۽ جي يو آء يونٽ ٽوڙي ڦاٽڪ طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، غلام شبير سوڍاڻي مولانا عبدالحميد گبول محمد رحيم سوڍاڻي پنھجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 3 مهينا اڳ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان امتياز سوڍاڻي سندس والد خدا بخش سوڍاڻي اسپتال ۾ تڙپي رهيا هئا پر ايم ايس نورالله لاڙڪ کين ايمبولينس ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو هو، جنهن سبب ٻئي زخمي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا هئا. جنهن تي سخت احتجاج ڪرڻ تي جاچ ڪري کيس عهدي تان هٽائي معطل ڪيو ويو هو جنهن سياسي آشيرواد ۽ مبيبا ڳري رشوت ڏئي ساڳئي سيٽ تي مقرر ٿيو آھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايم ايس کي فوري طور هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.