دادو (رپورٽر) دادو ۾ عوام کي سستو اٽو مهيا ڪرڻ جي آڙ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا انڪشاف ٿيا آهن، اهڙو انڪشاف شهرين غلام عباس وگهيو ، مجيب پنهور پاران ڪيو ويو، شهرين موجب ته  فوڊ کاتي پاران فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي ماهوار 4 هزار 700 رپين في ٻوري جي حساب سان 30 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون مهيا ڪيون پيون وڃن، موٽ ڪنهن به دڪان توڙي اٽي چڪي تي ماڻهن کي سرڪاري اگھه تي اٽو نه ٿو ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت توڙي فوڊ کاتي پاران روزانو فلور ملز تان 10 ڪلو اٽي جا 200 بيگ مزدا تي وڪري لاءِ  آڻڻ کانپوءِ 5 کان 10 ڪٽا ماڻهن کي ڏيڻ بدران  باقي اٽي جا 190 بيگس واپس فلور ملز نيا ويندا آهن، ڪالھه فلور ملز تان مزدا ۾ اٽي جا ڪٽا آندا ويا ۽ 5 کان 10 ڪٽا ماڻهن کي ڏيڻ بعد ماڻهن جي بد نظمي جو جواز ڄاڻي سمورو اٽو واپس نيو ويو، جنهن سبب سرڪاري اگھه تي سستو اٽو وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيهندڙ سوين ماڻهون بنا اٽو خريد ڪرڻ جي واپس موٽي وڃن ٿا، اهڙي طرح فوڊ کاتي جا عملدار ، فلور مل ۽ اٽي چڪي مالڪن جي ملي ڀڳت سان ماهوار 30 هزار ڪڻڪ جي ٻورين تي 16 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهن،  هنن مطالبو ڪيو  ته ڪوٽا واري ڪڻڪ جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي وڃي.