دادو ويجهو بيواھ عورت مبينا قتل

0
210
ڪراچي: اورنگي ٽائون

دادو (ن پ ا) دادو ويجهو جهلو ڀرسان بيواھ عورت لطيفان مبينا طور قتل ٿي وئي، مقتولڻ عورت جو لاش وارث دفنائڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي وارثن واقعي بابت ڪجهه به نه ٻڌايو، پر اسان کي اطلاع مليو ته لطيفان کي قتل ڪيو ويو آهي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچائي ڇڏيو، رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي.جڏهن ته وارث بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي بيواھ عورت جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا ، لطيفان جو ڀاءُ غلام رسول چانڊيو جو چوڻ آهي ته ، ڀيڻ بيماري سبب فوت ٿي، جنازي نماز ادا ڪري لاش دفنائڻ پئي وياسين ته پوليس زبردستي لاش کڻائي آئي، جڏهن ته ايس ايڇ او جهلو عبدالحميد چيو آهي ته وومين پروٽيڪشن سيل وارن فون ڪري لطيفان چانڊيو جي قتل ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ان ڪري لاش پوسٽ ماٽم لاءِ اسپتال کڻائي آياسين.