پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ عورتاڻي آواز تي هرکجڻ وارن واقعن ۾ واڌ، پني عاقل  جي دادلوءِ پوليس پاران وڌيڪ هڪ نوجوان کي اغوا کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي. دادلوءِ پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته  عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي ويندڙ نصيرآباد واسي کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آھي. پوليس موجب نصيرآباد واسي شهزادو پٽ حضوربخش بگٽي ڪوٽ بلا وٽان ڪچي پئي ويو جنھن نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچايو آھي، جڏھن ته خميس واري رات پڻ ٺل واسي صدام لاشاري کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعوي ڪئي وئي هئي. پوليس موجب ٽيڪنيڪل رپورٽ ذريعي عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي طرف ويندڙ نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو پيو وڃي. جڏھن ته اغوا کان بچي ويل ٻنھي نوجوان جو چوڻ آھي ته کين عورت رابطي ۾ ھئي جنھن سان ملڻ لاءِ ڪچي طرف وڃي رھيا ھئا ته پوليس کين اغوا ٿيڻ بچايو ويو آھي.