خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ايس ايچ او، ڄاڃي ٻرڙا ۽ جهلو پوليس پوسٽ جي انچارجن خلاف توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.