خيرپور جي جوڙي ٺري ميرواھ جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي

0
505

سيٺارجا (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي خيرپور ٺيڙهي ڦاٽڪ جي رهواسڻ 18 سالا دعا سولنگي ۽ ڳوٺ نواب خان سولنگي جي رهواسي 22 سالا نوجوان بابر علي سولنگي پاران تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، ناري ۽ نوجوان ميرواھ جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو جنهن تي ناري دعا جي ڀاءُ جمشيد سئوٽ نثار، راشد ۽ ٻين مائٽن سندن سيٺارجا شهر ۾ رهائش جي اطلاع تي پهچي ناري دعا ۽ نوجوان بابر سخت تشدد جو نشانو بڻائي سندن ڪپڙا پڻ ڦاڙي ڇڏيا ۽ کنڀي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڙي وارن جي اطلاع تي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري ۽ نوجوان کي ڇڏائي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پوليس موجب جوڙي کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.