خيرپورناٿن شاھ: خاطري بعد آبادگارن 9 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

0
216
ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو
خيرپورناٿن شاھ: خاطري بعد آبادگارن 9 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو!!

خيرپورناٿن شاھ: رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ ڪڏڻ شاخ،آباد شاخ، سڌ واھ، خدا واھ ، نارا ڊسٽري، پيڄاهو شاخ سميت 15 کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڪيلن ۽ سوين آبادگارن جو حافظ حاجن لغاري، وڪيل ڪي ڪي ڏيرو، وڪيل شعبان ملاح، وڪيل همت علي گاڏهي، حافظ انور کونهارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 9 ڪلاڪن کان وٺي انڊس هاء وي تي ڌرڻو جاري رهيو.

ان موقعي تي ڌرڻي واري هنڌ مختيارڪار سعيد احمد کونهارو پهچي آبپاشي جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سان فون تي رابطو ڪيو. ان موقعي تي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر آبادگار کي فون ذريعي يقين ڏياريو ته ٻن ڏينهن اندر خيرپورناٿن شاھ جي شاخن ۾ پوڇڙي تائين پاڻي پهچايو ويندو.

ان موقعي تي مظاهرين چتاء ڏيندي چيو ته ٻن ڏينهن اندر شاخن جي پوڇڙي تائين پاڻي نه پهتو ته ٻيهر ايريگيشن عملدارن خلاف انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.