ميرپورخاص: ”مري برادري جي ماڻهن اغوا ڪيو!“ سلامت لاکي جي پٽ جو بازيابي بعد بيان

0
561
پٽ جو بازيابي بعد بيان
ميرپورخاص: ”مري برادري جي ماڻهن اغوا ڪيو!“ سلامت لاکي جي پٽ جو بازيابي بعد بيان!

ميرپورخاص: مبينا طور اغوا بعد بازياب ٿيل ٽرانسپورٽر سلامت علي لاکي جي پٽ اسد علي لاکو کي فيملي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري جج وٽ 164 جو بيان رڪارڊ قلمبند ڪرايو ويو.

عدالت نينگر کي سندس والد حوالي ڪري ڇڏيو، 164 جو بيان منظر عام تي اچي نه سگھيو، سڀاڻي ظاھر ڪرڻ جا امڪان، سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي مقرر، ڪئي وئي.

عدالتي ذريعن موجب معلوم ٿيو آھي ته اسد لاکي عدالت ۾ بيان ڏنو آھي ته مون کي پوليس کڻائي نظام الدين جي ھائوسنگ اسڪيم بحرين گولڊن ۾ رکيو، جنھن بعد مري برادري جي ڪجھه اغوا ڪري ماڻھن مختلف جاين تي رکيو ،

ڄامشورو ۾ پوليس زوري وڊيو بيان ڏياريو ته مون کي ڪنھن اغوا ناھي ڪيو، ايس ايڇ او پراڻي ميرپور افضل مگسي جو چوڻ هو ته اسد لاکي کي ڄامشورو مان بازياب ڪرايو، جيڪو پنھنجي مرشد جي گھر ۾ ھو، ان کي ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو، اسان ڪيس بي ڪلاس ڪري ڪوڙو قرار ڏنو آھي.