جيڪب آباد: ايس ايچ او سول لائين محمد شريف مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نيب حملي ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ھن چيو ته گرفتار ٿيل جوابدار چالان ۾ ڄاڻايا ويا آهن ٽي مک جوابدارن کي چالان ۾ روپوش ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته 200 کان مٿي اڻڄاتل جوابدار به روپوش قرار ڏنا ويا آهن. ھن چيو ته چالان ۾ نيب ٽيم جي گاڏين جي نقصان جو ذڪر ٿيل آهي، مک جوابدار خادم ڀٽو صوبائي صلاحڪار سان ساڻس ٽي ڏينهن اڳ حاضري تي موجود ھو؟ جي سوال تي ھن چيو ته جوابدار خادم ڀٽو 12 جولاءِ تي روپوش ٿي ويو آهي ان سان گڏ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر ھو نه ملي سگهيا آهن، جوابدار ھتان فرار ٿيڻ بعد ڪراچي ويا، ممڪن آهي ته ھو صوبائي صلاحڪار سان آفيس ۾ ساڻس موجود ھجي پر ضرور گرفتار ڪيو ويندو.