شهيد شاهنواز ڀٽو جي 36هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

0
182

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) شهيد شاهنواز ڀٽو جي 36هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، اڳوڻي صدر آصف زرداري شهيد شاهنواز ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد شاهنواز ڀٽو ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، دنيا جي سياسي تاريخ ۾ ڀٽو ڪٽنب جي قربانين جهڙو مثال نٿو ملي، پاڪستان ۾ جمهوريت جو سج ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان جي لالاڻ سان اُڀرندو آهي، قوم مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي، جنهن پنهنجو گهر قوم تي قربان ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام جي شهادت کانپوءِ شاهنواز ڀٽو عوامي حقن لاءِ جدوجهد ۾ شامل ٿي ويو، هُن ڏکين حالتن جو بهادري سان مقابلو ڪيو.