ملڪ ۾ متل سياسي مانڌاڻ ۾ ڪجهه ڏينهن کان ٺاپر آهي ۽ اها اميد به پيدا ٿي آهي ته سياسي ڌريون پنهنجا سياسي معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ طرف وڃي سگهن ٿيون جيڪا اميد نه رڳو ملڪ مان سياسي عدم استحڪام جي خاتمي جو سبب بڻبي،بلڪه ملڪ ۾ جمهوريت، نظام۽ خود سياسي پارٽين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.هر سياسي ڌر جو پنهنجو پنهنجو نظريو هوندو آهي جنهن تحت هو عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي آهي پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪنهن به سياسي ڌر سان ڳالهين جا دروازا بند ڪرڻ گهرجن.ڪجهه وقت کان سياسي ڌرين جو هڪٻئي سان اهو ئي رويو رهيو آهي ته هڪٻئي سان گڏ ويهڻ لاءِ ئي تيار نه هيون جنهن جو نتيجو ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جي صورت ۾ نظر آيو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سياسي ڌريون هڪٻئي سان گڏ ويهڻ لاءِ ئي تيار نه هونديون ته ملڪي توڙي سياسي مسئلن تي ڪيئن ڳالهائي سگهنديون جنهن ڪري ئي نظر اچي رهيو هو ته ملڪ جي سياست ڪنهن بند گهٽي ۾ ڦاسڻ طرف پئي وڃي ۽ پوءِ مارشل لا جي خطري کان وٺي ٻين امڪانن جو به اظهار ڪيو پئي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جي اڳواڻ عمران خان هڪ خطاب ۾ حڪومت کي اها آڇ ڪئي آهي ته اچو ته  اليڪشن جي تاريخ تي گڏجي ويهون ۽ ڳالهيون ڪيون توڙي جو اهو ساڳيو عمران خان حڪومت هوندي توڙي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽائڻ کانپوءِ مسلسل اهو چوندو رهندو هو ته هنن ڪرپٽ ۽ چورن سان ڪنهن به صورت ۾ گڏ نه ويهندس نه ئي ڳالهيون ڪندس. هو سدائين اسٽيبلشمينٽ ڏانهن اشارو ڪري چوندو هو ته اهي ئي ملڪ ۾ ترت چونڊن لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهن،جنهن کي اڪثر سياسي ڌريون غير آئيني مطالبو سمجهنديون هيون،جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ پاڻ به اهو چوندي رهي ته هنن سياست کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.عمران خان جي تازي آڇ کانپوءِ حڪومت به ان جو مثبت جواب ڏنو آهي توڙي جو اڃا تائين اهي ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ ڪو عملي قدم نه کنيو ويو آهي پر اهو بهرحال محسوس ڪيو پيو وڃي ته برف ڳري رهي آهي.ڇاڪاڻ ته حڪومت به چئي رهي آهي ته جيڪڏهن عمران خان سنجيده ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته ڌمڪين وارو لهجو ختم ڪري ۽ اڳواٽ ڪو شرط نه رکي باقي غير مشروط ڳالهين کان نه ڪڏهن انڪار ڪيو آهي نه ئي انڪار ڪنداسين، ان لاءِضروري آهي ته عمران خان پنهنجي رويئي کي تبديل ڪري. هن وقت جڏهن ڌريون ڪڏهن هڪٻئي سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه هيون ان وقت اهڙي قسم جي آڇ اها به ٻنهي ڌرين طرفان سياسي ماحول جي گرمي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي ۽ ڳالهين جا رستا کلي سگهن ٿا.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪي صورتحال به ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته سياسي ڌريون پنهنجي انا ۽ ضد تان لهي ڳالهين جي ميز تي اچن، جتان ئي اڳتي وڌڻ جا رستا نڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته لڳاتار سياسي عدم استحڪام سبب ملڪ جي معاشي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ انهي دوران جيڪڏهن ڳالهين بدران پي ٽي آءِ ٻن صوبن جي اسيمبلين کي ختم ڪرڻ طرف وڃي ٿي ته اهو ملڪي معيشت لاءِ به نقصانڪار ٿيندو، ڇاڪاڻ ته حڪومت چواڻي اها ڀلي انهن صوبن ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائي به وڃي پر ان جو وڏو اثر ملڪي معيشت تي پوندو جيڪا اڳ ئي خراب حالت ۾ آهي پوءِ ڪابه ايندڙ حڪومت ان کي شايد سنڀالي نه سگهي ،تنهن ڪري ڌريون پنهنجي سياسي مخالفت کي پاسي تي رکي ملڪ کي سياسي استحڪام ڏيڻ لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچن جيڪو ئي ملڪ جي ڀلي ۾ آهي .