حڪومت طرفان اهم قانونسازي ۽ رياستي معاملن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو

0
219
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت طرفان اهم قانونسازي ۽ رياستي معاملن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو، اسپيڪر اسد قيصر ۽ بابر اعواڻ وچ ۾ ملاقات دوران قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 آڪٽوبر تي سڏائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي.

 پارلياماني وزارت اسيمبلي اجلاس سڏائڻ لاءِ سمري صدر عارف علوي ڏانهن اماڻيندي: بابر اعواڻ چيو آهي ته حڪومت عوامي ۽ ملڪي مفادن لاءِ قانونسازي ۾ دير نٿي چاهي، وزير اعظم جِي هدايت تي قانونسازي جو عمل تيز ڪيو ويو آهي، جلد نتيجا سامهون ايندا.

ٻئي پاسي وزير اعظم عمران خان سڀاڻي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو: افغانستان صورتحال ۽ ملڪ جِي سيڪيورٽي صورتحال تي غور ٿيندو، ذريعن موجب عسڪري قيادت افغان صورتحال ۽ ملڪي سڪيورٽي معاملن تي سول قيادت کي بريفنگ ڏيندي.

 

ھي به پڙھندا

نيب چيئرمين جي مقرريءَ تي اپوزيشن ليڊر سان صلاح نه ڪندس: وزيراعظم