خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت باندي بڻايل ٻن نينگرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، سوراهه ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري. خبر موجب خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاريءَ جي عدالت تعلقي نارا جي ڳوٺ نيو آباد جي رهواسڻ مسمات ضميران زال غلام اڪبر آرادين طرفان داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ايس ايچ او سوراهه کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ڳوٺ نيو آباد جي رهواسي بااثرن شير محمد، نيڪ محمد ۽ محمد مريد آرادين وٽ ناحق باندي بڻايل ٻن ٻارڙين 9 سالن جي سردار خاتون ۽ 7 سالن جي ڪلثوم کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.