اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت خلاف ڳالهائڻ تي حڪمران جماعت پي ٽي آءِ  نور عالم خان جي پبلڪ اڪائونٽ  ڪاميٽي مان رڪنيت ختم ڪرائي ڇڏي آهي، قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڏوگر پاران اسپيڪر کي 18 جنوري تي هڪ خط لکيو ويو هو جنهن ۾ اسپيڪر کي درخواست ڪئي وئي هئي ته پي ٽي آءِ جي نور عالم خان جي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي مان رڪنيت ختم ڪري ان جي جاءِ تي پي ٽي آءِ جي ميمبر ڊاڪٽر حيدر علي خان کي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جوميمبر مقرر ڪيو وڃي، اهڙي ليٽر جي اسپيڪر پاران منظوري ڏيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪندي نور عالم خان جي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي مان رڪنيت ختم ڪري ڊاڪٽر حيدر علي خان کي سندس جاءِ تي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيوآهي.