حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عام ماڻهوءَ تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي:مملڪتي وزير

0
173
حڪومت جي پوري ڪوشش

اسلام آباد: ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عام ماڻهوءَ  تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي، آءِ ايم ايف سان ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي

ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا بيان ۾ چيو آهي ته بجلي جي ٽيرف يا ٽيڪسز جو وڌيڪ بار سرنديءَ وارن تي وڌو ويندو

مملڪتي وزير جي دعوائن جي ابتڙ ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف گذريل ڏينهن ٿيل ڳالهين دوران پاڪستان سان ميمورينڊم آف ايڪانامڪ اينڊ فنانشل پاليسيز جو مسودو اڃا شيئر نه ڪيو آهي، اڄ ايم اَي ايف پي جو اهو مسودو فائينل ڪري پاڪستان حوالي ڪيو ويندو

 ايم اَي ايف پي واري ان مسودي جي بنياد تي ئي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح جو معاهدو ٿيندو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ڳالهين جو آخري دور اڄ ٿيندو

هي به پڙهندا

پاڪستان وٽ 20 ڏينهن جو پيٽرول بچيو آهي: مصدق ملڪ