اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران حيدرآباد ۽ موهن جو دڙو ايئرپورٽ خسارو ڄاڻائي کولڻ کان انڪار،  پيپلزپارٽي ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ حڪومتي سينيٽر سيف الله بڙو جو احتجاج رڪارڊ، سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ هائوسنگ جي وفاقي وزير طارق بشير چيما پ پ سينيٽر شهادت اعواڻ جي سوال جو جواب ڏيندي ايوان کي ٻڌايو ته موجوده دور ۾ آگسٽ 2018ع کان هن وقت تائين هائوسنگ وزارت ۾ 26، پاڪ پي ڊبليو ڊي ۾ 461، پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن ۾ 56، اسٽيٽ آفيس ۾ 128 ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن، پ پ جي شهادت اعواڻ چيو ته هائوسنگ وزارت ۾ مجموعي طور تي  666 ملازم ساڍن 3 سالن ۾ ڀرتي  ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ صوبائي ڪوٽا کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، ٿيل ڀرتين ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي ڪوٽا تحت نمائندگي نه هجڻ برابر ڏني وئي آهي،سنڌ صوبو ٻيو نمبر وڏي آبادي وارو صوبو آهي ان باوجود ان ۾ ڀرتيون گهٽ ڪيون ويون آهن، هائوسنگ وزير طارق بشير چيما چيو ته سموريون ڀرتيون اخبارن ۾ اشتهار ڏئي ڪوٽا کي نظر ۾ رکي ڪيون ويون آهن، اسان ڀرتيون پراجيڪٽس جي ضرورتن تحت ڪيون آهن، جن علائقن ۾ پراجيڪٽ هوندا آهن اتي ڀرتيون ڪندا آهيون، فاٽا ۾ ڪو به پراجيڪٽ ناهي ته فاٽا مان ملازم ڪيئن ڀرتي ڪيا وڃن، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڪرشنا ڪماري جي سوال جو هوابازي جي وزير غلام سرور خان لکت ۾ جواب ڏيندي چيو ته حيدرآباد ۾ پي آءِ  اي بڪنگ آفيس 30 اپريل 2021ع کان بند ڪري ڇڏي آهي، ويجهي مستقبل ۾ آفيس کولڻ جو ڪو ارادو ناهي، اهڙي جواب تي سينيٽر ڪرشنا ڪماري شديد احتجاج ڪندي چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، حيدرآباد ايئرپورٽ  تي اربين رپيا لڳل آهن، اهو بند هجڻ ڪري کنڊر ٿيندو پيو وڃي، حڪومت سنڌ کان ڪهڙو بدلو وٺي رهي آهي، حيدرآباد ايئرپورٽ فعال ڇو نه ٿي رهيو آهي، پارلياماني مامرن جي مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته پي آءِ اي هاڻي اي ٽڪيٽنگ طرف هلي وئي آهي، 2000ع کان حيدرآباد ايئرپورٽ بند آهي، ان جي آمدني 19 ڪروڙ 70 لک کان گهٽ ٿي هڪ ڪروڙ 70 لک ٿي وئي آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ٻڌايو وڃي ته سنڌ جو نصيب اهڙو ڇو آهي جو موهن جو دڙو ايئرپورٽ به بند ڪيو ويو آهي، آئون حڪومت کي اهو چئي چڪو آهيان ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ هلايو وڃي،  نقصان پيو ته آئون اها رقم ڀرڻ لاءِ تيار آهيان، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جا ايئرپورٽ مالي طور تي هلائڻ ممڪن ناهن ته پوءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت اقتدار ۾ اچي اهي ايئرپورٽ ڪيئن هلائيندي آهي؟ نواز ليگ موهن جو دڙو ايئرپورٽ بند ڪيو هو، پيپلز پارٽي 2008ع ۾ حڪومت ۾ اچي ان کي کولي ڇڏيو، مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته پيپلز پارٽي ايئرپورٽ خساري ۾ هلايا هوندا، منافعي ۾ ته پيپلزپارٽي ايئرپورٽ نه هلايا آهن، خساري ۾ ايئرپورٽ هلائڻ کان بهتر آهي ته جيستائين مالي طور تي ايئرپورٽ هلڻ ممڪن ٿئي  تڏهن ئي هلڻ گهرجي، اجلاس دوران نواز ليگ جي  عرفان صديقي چيو ته لاهور ۽ اسلام آباد وچ ۾ به فلائيٽون بند آهن، جنهن تي مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته لاهور ۽ اسلام آباد وچ ۾ فلائيٽون شروع ڪرڻ واري مامري کي ڏسي رهيا آهيون، اميد آهي ته جلد فلائيٽس شروع ڪنداسين.