ابوظهبي/اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) حڪومتي سطح تي ڪوششون ڪامياب ٿي ويون، ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي ڪپتان سرفرازاحمد سميت25 رانديگرن ۽ آفيشلز کي ويزائون ملڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. تفصيل موجب پي سي بي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل عرب امارتن جي عملدارن سان ڳالهيون ڪري پي ايس ايل کي ملتوي ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۽ آفريڪي جهازن کي لينڊنگ جي اجازت ملڻ بعد هاڻي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد، فاسٽ بالر محمد حسين، عمران خان سميت ٻين رانديگرن ۽ آفيشلز کي پڻ جلد ويزائون ملنديون جنهن بعد اهي رانديگر ۽ آفيشلز ابوظهبي روانا ٿي ويندا،ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن پڻ پي ايس ايل ۾ شامل سمورين فرنچائز سان ميٽنگ ڪري کين واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پي ايس ايل جون رهيل مئچون ابوظهبي ۾ ئي ٿينديون، شارجا يا دبئي ۾ ڪرائڻ جي ڪابه تجويزغورهيٺ ناهي جڏهن ته جيڪي به مسئلا پيش اچي رهيا آهن انهن کي به جلد ئي حل ڪيو ويندو. هوڏانهن پي ايس ايل ۾ شامل پرڏيهي رانديگرن جي ابوظهبي آمد جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، جنهن سبب ابوظهبي ۾ ڪرڪيٽ جي ميلي جون تياريون پڻ آخري مرحلي ۾ پهچي ويون آهن.